اسلام آباد -09 نومبر (اي پي پي)بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر رومينه خالد يوم اقبال تي شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي ڪوششن ۽ ويزن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته علامه محمد اقبال هڪ بصيرت وارو شاعر، فلسفي ۽ اڳواڻ هو. هن پاڪستان جي تاريخ جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ رومينه خالد چيو ته اقبال جي شاعري ۽ …
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر رومينه خالد پاران علامه محمد اقبال کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد -09 نومبر (اي پي پي)بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر رومينه خالد يوم اقبال تي شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي ڪوششن ۽ ويزن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته علامه محمد اقبال هڪ بصيرت وارو شاعر، فلسفي ۽ اڳواڻ هو. هن پاڪستان جي تاريخ جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ رومينه خالد چيو ته اقبال جي شاعري ۽ فڪر انگيز خيال نسلن کي متاثر ڪندا رهندا آهن، اقبال قوم کي اتحاد، خودداري ۽ انصاف جي اهميت ٻڌائي. رومينه خالد چيو ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ الڳ وطن خاطر اقبال جي خواب پاڪستان جي تخليق جو بنياد رکيو. اقبال جو ”خودي“ وارو پيغام قوم کي اڳيان وڌڻ جو سبق ڏئي ٿو. اقبال هڪ قوم کي بهتر مستقبل لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ترغيب ڏني، اقبال جا خيال زندگي جي سمورن شعبن جي ماڻهن سان گڏ گونجي رهيا آهن. رومينه خالد چيو ته اسان هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهيون جيڪو منصفاڻو، خوشحال ۽ متحد هجي، اڄ قوم اقبال تي پاڪستاني ادب، ثقافت ۽ قومي سڃاڻپ ۾ اقبال جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.











