اسلام آباد-09 نومبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 30 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 65 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 8 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار 300 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 43 هزار …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-09 نومبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 30 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 65 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 8 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار 300 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 43 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 43 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 5 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 26 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 13 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 46 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 40 هزار 100 ڪيوسڪ، سکر ۾ پاڻي جي آمد 41 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 9 هزار ڪيوسڪ، ڪوٽڙي ۾ پاڻي جي آمد 13 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ نيڪال هڪ هزار 300 ڪيوسڪ رهيو.آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1536.97 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.986 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1228.55 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 6.231 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 646.20 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.182 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.











