اسلام آباد -09 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جمهوريه انڊونيشيا جي 75 سالن تي ٻڌل لاڳاپن تي انڊونيشيا جي سفير چاندرا ڊبليو اسڪوٽجو انڊونيشين ايڪسپو 2025ع جو افتتاح ڪيو. اهو ٻن ڏينهن وارو ايونٽ سفارتي لاڳاپن جي 75 سالن جي سنگ ميل جي ياد ۾ منعقد ٿي رهيو آهي، جيڪو گڏيل احترام، ثقافت ويجهڙائي ۽ بهتر دنيا جي گڏيل خيالن تي ٻڌل آهي. افتتاحي تقريب جي صدارت دفاع بابت …
پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل، انڊونيشين ايڪسپو 2025ع جو باضابطا افتتاح

مزید خبریں
اسلام آباد -09 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جمهوريه انڊونيشيا جي 75 سالن تي ٻڌل لاڳاپن تي انڊونيشيا جي سفير چاندرا ڊبليو اسڪوٽجو انڊونيشين ايڪسپو 2025ع جو افتتاح ڪيو. اهو ٻن ڏينهن وارو ايونٽ سفارتي لاڳاپن جي 75 سالن جي سنگ ميل جي ياد ۾ منعقد ٿي رهيو آهي، جيڪو گڏيل احترام، ثقافت ويجهڙائي ۽ بهتر دنيا جي گڏيل خيالن تي ٻڌل آهي. افتتاحي تقريب جي صدارت دفاع بابت سينيٽ ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين مشاهد حسين سيد خاص مهمان طور ڪئي جنهن سان سفير چاندرا ڊبليو اسڪوٽجو ۽ ميڊم تمارا وائي اسڪوٽجو، سفارتي ۽ ڪاروباري برادري جي معزز ماڻهو ۽ عوام موجود هئا.هن ٻڌايو ته شاپنگ مال ۾ انهي لاءِ تقريب منعقد ڪري رهيا آهيون ڇو جو دوستي کي بند ڪمرن تائين محدود نه رکڻ گهرجي، ان کي عوام سان ملهائڻ گهرجي، جتي خاندان، نوجوان ۽ ڪميونٽيز گڏ هجن. هن چيو ته اهو پروٽوڪول جو معاملو نه پر انڊونيشيا ۽ پاڪستان جي عوام وچ ۾ خوشي، ثقافت ۽ اتحاد جو ڀائيوار آهي. ان کان علاوه سماراوائي اسڪوٽجو جي قيادت م سفارتخاني جي عورت ايسوسيئيشن وڻندڙ پرفارمنس پيش ڪئي جنهن ۾ ”آءِ هيو اي ڊريم“ ۽ ”دل دل پاڪستان“ جي هم آهنگ گونج سان ماڻهن کي لطف اندوز ڪيو ويو. انڊونيشيائي سفارتخاني شهرين کي ايڪسپو جي ٻئي ڏينهن شرڪت جي دعوت ڏني، جيڪو دلچسپ مصنوعات جي نمائش، ثقافتي سرگرمين، لائيو موسيقي ۽ ڪاروباري نيٽ ورڪنگ جي وڌيڪ موقعن جو واعدو ڪري ٿو. شرڪت ڪندڙن ايڪسپو ۾ انڊونيشيا جي تخليقي صلاحيتن، متحرڪ ثقافت ۽ فنڪاراڻا پرفارمنس جو مشاهدو ڪرڻ هڪ حيرت انگيز تجربو قرار ڏنو.











