اسلام آباد-08 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته سندس پارٽي، 1973ع جي آئين جي قيمت ادا ڪئي ۽ ان آئين جي تحفظ ۽ استحڪام لاءِ هميشه جدوجهد ڪئي آهي. سينيٽ اجلاس ۾ هن چيو ته آئيني ترميمون ايوانن جو جمهوري حق آهن جنهن ذريعي وفاقي يونٽن ۽ عوام جي حقن جو تحفظ ممڪن ٿئي ٿو. شيري رحمان، واضح ڪيو ته 18هين آئيني …
پيپلزپارٽي، 1973ع جي آئين جي قيمت ادا ڪئي، آئين جي تحفظ ۽ استحڪام لاءِ هميشه جدوجهد ڪئي آهي: سينيٽر شيري رحمان

مزید خبریں
اسلام آباد-08 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته سندس پارٽي، 1973ع جي آئين جي قيمت ادا ڪئي ۽ ان آئين جي تحفظ ۽ استحڪام لاءِ هميشه جدوجهد ڪئي آهي. سينيٽ اجلاس ۾ هن چيو ته آئيني ترميمون ايوانن جو جمهوري حق آهن جنهن ذريعي وفاقي يونٽن ۽ عوام جي حقن جو تحفظ ممڪن ٿئي ٿو. شيري رحمان، واضح ڪيو ته 18هين آئيني ترميم کي پوئتي نه پيو وڃي پر ان جو تحفظ ڪيو پيو وڃي ته جئين صوبائي خود مختياري کي برقرار رکي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جو اصل مسئلو وسيلن جي منصفاڻي ورهاست سان جُڙيل آهن ۽ ان حوالي سان سمورين سياسي قوتن کي گڏجي ويهي قومي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ گهرجن. سينيٽر شري رحمان، محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو حوالو ڏيندي چيو ته بينظير ڀٽو هميشه چوندي هئي ته ايوان جو بائيڪاٽ نه ڪريو پر پارليامان اندر رهي جمهوري جدوجهد ڪريو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پيپلزپارٽي آئين، جمهوريت ۽ وفاق جي استحڪام لاءِ پنهنجي روايت برقرار رکندي.











