اسلام آباد - 08 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ گڏيل ترقياتي منصوبن جي شروعات ٿي وئي آهي، ايس آءِ ايف سي جي سهڪار سان پائيدار ترقي ۽ گرين انويسٽمينٽ جي نون موقعن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ ماحولياتي ۽ توانائي ڀائيواري ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. جرمنيءَ پاڪستان لاءِ 114 ملين يورو جي مالياتي ۽ فني معاونت جو …
پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ گڏيل ترقياتي منصوبن جي شروعات ٿي وئي

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ گڏيل ترقياتي منصوبن جي شروعات ٿي وئي آهي، ايس آءِ ايف سي جي سهڪار سان پائيدار ترقي ۽ گرين انويسٽمينٽ جي نون موقعن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ ماحولياتي ۽ توانائي ڀائيواري ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. جرمنيءَ پاڪستان لاءِ 114 ملين يورو جي مالياتي ۽ فني معاونت جو اعلان ڪيو آهي. معاونت جو مقصد موسمياتي مزاحمت، توانائي جي منتقلي ۽ سماجي تحفظ جي منصوبن کي هٿي ڏيڻ آهي. جرمنيءَ جي ڀائيواري سان پاڪستان ۾ تربيتي پروگرام، نوجوانن لاءِ روزگار ۽ قدرتي آفتن کان بچاءَ جي انتظام ۾ بهتري آندي ويندي. جرمنيءَ ماحولياتي تبديلي، معاشي استحڪام ۽ سماجي شموليت ۾ سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪاربن مارڪيٽ پروگرام ۾ اڳڀرائي سان گڏوگڏ ماحولياتي ترقي ۽ عالمي سيڙپڪاري لاءِ عملي قدمن جي به شروعات ڪئي وئي آهي.











