پاڪستان جي اثرائتي منشيات جي روڪٿام وارين ڪارروائين تي گڏيل قومن جو اعتراف

اسلام آباد - 08 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي منشيات جي روڪٿام وارين ڪامياب ڪارروائين جو عالمي سطح تي اعتراف ڪندي پاڪستان ۾ منشيات ۽ ڏوهن بابت گڏيل قومن جي اداري جي نمائندي ٽرولز ويسٽر منشيات جي روڪٿام ۾ پاڪستان کي فرنٽ لائين ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو. هن قرار ڏنو ته اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي وڏين ڪاميابين مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان منشيات خلاف فرنٽ لائين ملڪ آهي، …

اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي منشيات جي روڪٿام وارين ڪامياب ڪارروائين جو عالمي سطح تي اعتراف ڪندي پاڪستان ۾ منشيات ۽ ڏوهن بابت گڏيل قومن جي اداري جي نمائندي ٽرولز ويسٽر منشيات جي روڪٿام ۾ پاڪستان کي فرنٽ لائين ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو. هن قرار ڏنو ته اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي وڏين ڪاميابين مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان منشيات خلاف فرنٽ لائين ملڪ آهي، افغانستان ۾ ڏوڏي ۽ هيروئن جي جاءِ تي مصنوعي منشيات جون ليباريٽريون قائم ٿي رهيون آهن. گڏيل قومن جي اداري منشيات جي روڪٿام بابت اهم روڊ ميپ به جاي ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي منشيات خلاف جنگ ۾ اڪيلو نٿو ڇڏي سگهجي. منشيات جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ عالمي برادريءَ جي پاڪستان سان ڀائيواري اڻٽر آهي. ٽرولز ويسٽر ٻڌايو ته پاڪستان هڪ سال ۾ 365 ميٽرڪ ٽن منشيات ۽ ڪيميڪل ضبط ڪيا، منظم ڏوهن جي بدلجندڙ حڪمت عملي تحت پاڪستان جو ڪردار ان جنگ ۾ اهم آهي.

مزید خبریں