نيويارڪ - 08 نومبر (اي پي پي) ڊي اين اي جي ڊبل هيلڪس رکندڙ درفيات ڪندڙ نوبل انعام ماڻيندڙ آمريڪي سائنسدان جيمز واٽسن 97 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪولڊ اسپرنگ هاربر ليباريٽري جتي هن پنهنجي ڪيريئر جو وڏو حصو گذاريو ان ٻڌايو ته واٽسن نيويارڪ جي لانگ آءِ لينڊ ۾ هڪ هاسپس سينٽر ۾ وفات ڪري ويو. 1953ع ۾ واٽسن پنهنجي تحقيقي ساٿي …
نومبر انعام ماڻيندڙ سائنسدان جيمز واٽسن 97 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

مزید خبریں
نيويارڪ – 08 نومبر (اي پي پي) ڊي اين اي جي ڊبل هيلڪس رکندڙ درفيات ڪندڙ نوبل انعام ماڻيندڙ آمريڪي سائنسدان جيمز واٽسن 97 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪولڊ اسپرنگ هاربر ليباريٽري جتي هن پنهنجي ڪيريئر جو وڏو حصو گذاريو ان ٻڌايو ته واٽسن نيويارڪ جي لانگ آءِ لينڊ ۾ هڪ هاسپس سينٽر ۾ وفات ڪري ويو. 1953ع ۾ واٽسن پنهنجي تحقيقي ساٿي فرانسس ڪرڪ سان گڏجي ڊي اين اي جي ڊبل هيلڪس رکندڙ دريافت ڪئي جيڪا جديد حياتيات جو بنياد سمجهي ويندي آهي، ان دريافت جنياتي ڪوڊ ۽ پروٽين جي ترڪيب جهڙن شعبن ۾ نيون راهون کوليون ۽ طب، فرانزڪ سائنس ۽ جينياتي تحقيق ۾ انقلابي اڳڀرائي ممڪن بڻائي. واٽسن، ڪرڪ ۽ موريس ولڪنز کي ان غير معمولي ڪارنامي تي 1962ع ۾ طب ۽ حياتيات جو نوبل انعام ڏنو ويو هو. واٽسن بعد ۾ ڪينسر ريسرچ ۽ انساني جينوم جي نقشي سازي ۾ به نمايان ڪردار ادا ڪيو. 1968ع ۾ سندس شايع ٿيل ڪتاب ”دي ڊبل هيلڪس“ هڪ شاندار وڪرو ٿيندڙ ثابت ٿيو جنهن ۾ سائنسي تحقيق جي پس منظر کي دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيو ويو.










