اسلام آباد - 07 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي شديد اثرن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهو مسئلو هن وقت پوري دنيا جي لاءِ هڪ ڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوپ 30 ڪانفرنس جي لاءِ پاڪستان جي قومي موقف جي تعين بابت اجلاس …
پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي شديد اثرن کي منهن ڏئي رهيا آهن: بئريسٽر دانيال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي شديد اثرن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهو مسئلو هن وقت پوري دنيا جي لاءِ هڪ ڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوپ 30 ڪانفرنس جي لاءِ پاڪستان جي قومي موقف جي تعين بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوپ 30 ڪانفرنس ۾ گڏيل قومي موقف سان شرڪت ڪندو. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي معاشي اثرن کي منهن ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ پاڪستان عالمي سطح تي موسمياتي انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان جو عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ حصو رڳو هڪ سيڪڙو آهي جڏهن ته ان جا منفي اثر سڀ کان وڌيڪ اسان جي ملڪ تي پئجي رهيا آهن، هر سال ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ، ٻيلن جي واڍيءَ ۽ ٻيا ماحولياتي مسئلا ان بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهيا آهن. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته دنيا جو ماحولياتي نظام گڏيل آهي، تنهن ڪري هڪ ملڪ ۾ ماحولياتي تبديلي جا اثر ٻين ملڪن تائين پهچن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن ترقي يافته ملڪ فضائي آلودگي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ وسيلن جو ڪجهه حصو موسمياتي تبديلي کان متاثر ملڪن ۾ خرچ ڪن ته ان کان وڌيڪ پائيدار ۽ موثر نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا. اجلاس ۾ قومي سطح تي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي، عالمي موسمياتي فنڊز تائين بهتر پهچ، فنڊز جي شفاف استعمال جي لاءِ نگراني جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ صوبائي سطح تي پاليسين جي موثر لاڳو تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن متفقه طور تي فيصلو ڪيو ته موسمياتي تبديلين جي خلاف جنگ ۾ سمورن صوبن کي هڪ جهڙي طور تي شامل ڪيو ويندو جڏهن ته پارلياماني ڪميٽيون موسمياتي فنڊز جي استعمال جي باقاعده نگراني ڪنديون. اجلاس ۾ دفاع واري پارلياماني سيڪريٽري زيب جعفر، اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين پلين بلوچ، موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر شذره منصب علي خان کرل، پائيدار ترقي جي هدفن بابت قومي پارلياماني ٽاسڪ فورس جي ڪنوينر شائسته پرويز ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري پارلياماني سيڪريٽري فرح ناز اڪبر سميت ڪيترن ئي پارليامينٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. اهو اجلاس توانائي ۽ معيشت بابت پارلياماني فورم ۽ لاڳاپيل پارلياماني ڪميٽين جي حصيداري سان منعقد ٿيو جنهن ۾ ماهرن، ماحوليات ۽ عالمي حصيدارن پڻ شرڪت ڪئي.











