پاڪستان ۽ تاجڪستان پاران گڏيل طور تي تاجڪستان ڪلچر ويڪ اسلام آباد ۾ ملهائڻ جو اعلان

اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ ثقافتي ناتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اهم اڳڀرائيءَ طور ٻنهي ملڪن گڏيل طور تاجڪستان ڪلچر ويڪ اسلام آباد ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو سڄي هفتي تائين جاري رهندو. سڄي هفتي تائين جاري رهندڙ ثقافتي ميلو ثقافت واري وزارت، پاڪستان ۽ تاجڪستان، تاجڪستان جي سفارتخاني، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس ۽ لوڪ ورثي جي سهڪار سان …

اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ ثقافتي ناتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اهم اڳڀرائيءَ طور ٻنهي ملڪن گڏيل طور تاجڪستان ڪلچر ويڪ اسلام آباد ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو سڄي هفتي تائين جاري رهندو. سڄي هفتي تائين جاري رهندڙ ثقافتي ميلو ثقافت واري وزارت، پاڪستان ۽ تاجڪستان، تاجڪستان جي سفارتخاني، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس ۽ لوڪ ورثي جي سهڪار سان منعقد ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ گهرا، ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي. تقريب ۾ مختلف رنگ برنگي پروگرام شامل هوندا، جن ۾ روايتي ثقافتي شو، مصوري نمائش، موسيقي ۽ ناچ جي گڏيل شام، تاجڪ فلم فيسٽيول، روايتي هٿ جي هنرن جي لائيو شو، تاجڪ کاڌن جو ذائقو پيش ڪرڻ وارو فوڊ فيسٽيول ۽ هڪ ادبي فورم شامل آهن. پڄاڻي واري تقريب لاهور جي تاريخي شاليمار فورٽ ۾ منعقد ٿيندي. جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي تعاون جا نوان رستا کُلڻ جي اميد آهي. ان سلسلي ۾ تاجڪست اجي سفير شريف زوده يوسف تورالي، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان ملاقات ڪئي ۽ جشن جي تيارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سفير لاهور ۾ هڪ خصوصي گالا نائيٽ منعقد ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن مغليه دؤر جي يادن کي تازو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ـ تاجڪستان صدين تي موجود لساني، تهذيبي رشتن تي ٻَڌل آهن. هن وڌيڪ چيو ته تاجڪ فنڪار، موسيقار ۽ پاڪستاني فنڪارن سان گڏجي پنهنجي فن، روايتي مهارتن خاص ڪري هٿ جي هنرن کي شيئر ڪرڻ جا خواهشمند آهن ۽ ان موقعي تي 2 فلمون به پيش ڪيون وينديون جيڪي اسان جي تاريخي، ثقافت ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ تي ٻَڌل آهن.

مزید خبریں