اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف شمسي توانائيءَ جي حوالي سان واضح مؤقف رکي ٿو. وفاقي ڪابينه نيٽ ميٽرنگ جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي، اسان سمورين عدالتن ۽ بارز کي ڊجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت جوابدار آهي ۽ اهائي نظام جي خوبصورتي آهي، ان …
وفاقي ڪابينه نيٽ ميٽرنگ جي تجويز رد ڪري ڇڏي، سمورين عدالتن ۽ بارز کي ڊجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف شمسي توانائيءَ جي حوالي سان واضح مؤقف رکي ٿو. وفاقي ڪابينه نيٽ ميٽرنگ جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي، اسان سمورين عدالتن ۽ بارز کي ڊجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت جوابدار آهي ۽ اهائي نظام جي خوبصورتي آهي، ان لاءِ هڪ ئي ڳالهه کي بار بار ورجائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. اجلاس دوران وفاقي وزير ٻُڌايو ته آءِ سي ٽي جي سڀني لائبريريز کي اِي لائبريري ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، عورت وڪيلن لاءِ ڊي ڪيئر سينٽر بڻايا ويا آهن، اسان سمورين ڪورٽن ۽ بارز کي ڊجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته انصاف جي فراهمي اسان جي ذميداري آهي.











