باڪو - 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي آذربائيجان جي فتح واري ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو پهچي ويو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهي. باڪو جي حيدر عليوو عالمي هوائي اڏي تي آذربائيجان جي اول نائب وزيراعظم يعقوب ايوبوو، آذربائيجان جي اول …
وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي فتح واري ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ باڪو پهچي ويو

مزید خبریں
باڪو – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي آذربائيجان جي فتح واري ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو پهچي ويو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهي. باڪو جي حيدر عليوو عالمي هوائي اڏي تي آذربائيجان جي اول نائب وزيراعظم يعقوب ايوبوو، آذربائيجان جي اول نائب پرڏيهي وزير فريز رضايوو، آذربائيجان ۾ مقرر پاڪستان جي سفير قاسم محي الدين ۽ سفارتي عملي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. دوري دوران وزيراعظم جي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ٻطرفي ملاقات پڻ ٿيندي.











