اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي ته ڪو به ملڪ پنهنجي معيشت کي ان وقت تائين پائيدار بنيادن تي ترقي نٿو وٺائي سگهي جيستائين ان جو ننڍو ۽ وچولي درجي جو ڪاروبار مضبوط نه هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا جي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار (ايس ايم ايز) جي نمائنده ڪلسٽرز سان ملاقات دوران …
دنيا جو ڪو به ملڪ پنهنجي معيشت کي ان وقت تائين پائيدار بنيادن تي ترقي نٿو وٺائي سگهي جيستائين ان جو نننڍي ۽ وچولي درجي جو ڪاروبار مضبوط نه هجي: هارون اختر خان

مزید خبریں
اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي ته ڪو به ملڪ پنهنجي معيشت کي ان وقت تائين پائيدار بنيادن تي ترقي نٿو وٺائي سگهي جيستائين ان جو ننڍو ۽ وچولي درجي جو ڪاروبار مضبوط نه هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا جي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار (ايس ايم ايز) جي نمائنده ڪلسٽرز سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران هارون اختر، وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن مائيڪرو، سمال ۽ ميڊيم انٽر پرائزز (ايم ايس ايم ايز) پيش ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم جو هدف ايس ايم ايز کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ آهي ته جيئن انهن جي پيداواري صلاحيت ۽ عالمي چٽاڀيٽي ۾ اضافو ٿئي. هارون اختر چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سمجهي ٿو ته ننڍا ڪاروبار معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن جيڪي روزگار جا موقعا پيدا ڪن ٿا ۽ روانگي واپار کي هٿي ڏين ٿا. هن چيو ته وزيراعظم عورتن جي ڪاروبار ۾ شموليت ۽ هنرمندي ذريعي جامع معاشي ترقي لاءِ پرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪو به ملڪ پنهنجي معيشت کي ان وقت تائين پائيدار بنيادن تي ترقي نٿو ڏئي سگهي جيستائين ان جا ننڍي ۽ وچولي درجا جا ڪاروبار مضبوط نه هجن. ايس ايم اي نمائندن صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ هارون اختر طرفان ايس ايم اي سيڪٽر جي استحڪام لاءِ ڪيل ڪوششن تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن خيبرپختونخوا جي ايس ايم ايز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو جيڪي چئلينجن باوجود شاندار ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومت سان رابطا وڌائي صنعتي اسٽيٽس جي قيام جا قدم تيز ڪيا وڃن.











