واشنگٽن-07 نومبر (اي پي پي) آمريڪي سينيٽ وينز ويلا تي حملي جي حوالي سان صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اختيارن کي محدود ڪرڻ جي قانون کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب رد ڪيل قانوني مسودي تحت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي وينز ويلا تي ڪنهن به فوجي حملي لاءِ ڪانگريس جي منظوري حاصل ڪرڻ ضروري قرار ڏنو ويو هو. آمريڪي سينيٽ ۾ ان قانون جي مسودي تي ووٽنگ دوران …
وينزويلا تي حملي جي حوالي سان صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اختيارن کي محدود ڪرڻ جو قانون آمريڪي سينيٽ ۾ رد

مزید خبریں
واشنگٽن-07 نومبر (اي پي پي) آمريڪي سينيٽ وينز ويلا تي حملي جي حوالي سان صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اختيارن کي محدود ڪرڻ جي قانون کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب رد ڪيل قانوني مسودي تحت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي وينز ويلا تي ڪنهن به فوجي حملي لاءِ ڪانگريس جي منظوري حاصل ڪرڻ ضروري قرار ڏنو ويو هو. آمريڪي سينيٽ ۾ ان قانون جي مسودي تي ووٽنگ دوران صدر جي پنهنجي پارٽي ريپبلڪن پارٽي جي ٻن ميمبرن به مخالف ڌر جي پارٽي ڊيموڪريٽس جو ساٿ ڏنو، ان باوجود ان قانوني مسودي کي منظور ڪرڻ لاءِ گهربل 51 ميمبرن جي حمايت حاصل نه ٿي سگهي. آمريڪي سيينٽ ۾ ان مسودي تي ووٽنگ اهڙي وقت ۾ ٿي جڏهن آمريڪي هٿياربند فوج طرفان وينز ويلا ۽ ڪولمبيا ويجهو عالمي پاڻين ۾ سامونڊي جهازن تي فوجي حملن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 65 ماڻهو مارجي چڪا آهن. آمريڪا ثبوت پيش ڪرڻ کانسواءِ الزام لڳايو آهي ته ان جن ٻيڙين تي بمباري ڪئي آهي جيڪي منشيات کڻي وڃي رهيون هيون پر لاطيني آمريڪي اڳواڻن، ڪانگريس جي ڪجهه ميمبرن، عالمي قانونن جي ماهرن ۽ مارجي ويلن جي وارثن آمريڪي حملن کي عدالت کان مٿانهون قتل قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته مارجي ويلن ۾ گهڻو ڪري ماهيگير هئا. ان قدم کانپوءِ انهن خدشن ۾ اضافو ٿي ويو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خطي ۾ فوجي مقررين ۾ اضافو ڪندو جنهن ۾ هزارين آمريڪي فوجي، هڪ ايٽمي ٻيڙو ۽ آمريڪي بحريه جا جديد ترين جهاز بردار سامونڊي جهاز يو ايس ايس جيرالڊ آرفورڊ سان جنگي جهازن جو هڪ گروپ شامل آهي ته جيئن وينز ويلا تي حملو ڪري سگهجي ۽ اتي جي موجوده حڪومت کي ڪيرائي سگهجي. آمريڪي حڪومت طرفان وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو تي منشيات جي اسمگلنگ جو الزام لڳايو آهي ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا جي سرزمين تي حملا ڪرڻ جو اشارو به ڏئي چڪو آهي. رپورٽ موجب وينزويلا خلاف فوجي ڪارروائي جي آمريڪي صدر جي منصوبن کي آمريڪي عوام جي اڪثريت جي حمايت حاصل ناهي، هڪ تازي سروي مان معلوم ٿيو آهي ته آمريڪا ۾ صرف 18 سيڪڙو ماڻهو مادورو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ فوجي طاقت جي محدود استعمال جي حمايت ڪن ٿا.










