سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي آفيسن وچ ۾ 8 سالن کانپوءِ مشاورت جو چوٿون دور منعقد

ڪولمبو-07 نومبر (اي پي پي) سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي آفيسن وچ ۾ 8 سالن کانپوءِ مشاورت جو چوٿون دور منعقد ٿيو. پرڏيهي ميڊيا موجب سريلنڪا جي پرڏيهي وزارت ٻڌايو ته اجلاس جي گڏيل صدارت سريلنڪا جي پرڏيهي سيڪريٽري اروني رانا راجا ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي سيڪريٽري سيد عالم سيام ڪئي.  سريلنڪا بنگلاديش ۾ پنهنجي سيڙپڪاري ۽ اتي رهندڙ سريلنڪن برادري جو حوالو ڏيندي بنگلاديش جي سيڙپڪارن کي سريلنڪا ۾ …

ڪولمبو-07 نومبر (اي پي پي) سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي آفيسن وچ ۾ 8 سالن کانپوءِ مشاورت جو چوٿون دور منعقد ٿيو. پرڏيهي ميڊيا موجب سريلنڪا جي پرڏيهي وزارت ٻڌايو ته اجلاس جي گڏيل صدارت سريلنڪا جي پرڏيهي سيڪريٽري اروني رانا راجا ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي سيڪريٽري سيد عالم سيام ڪئي.  سريلنڪا بنگلاديش ۾ پنهنجي سيڙپڪاري ۽ اتي رهندڙ سريلنڪن برادري جو حوالو ڏيندي بنگلاديش جي سيڙپڪارن کي سريلنڪا ۾ ترقياتي منصوبن، لاجسٽڪس سروسز، پوکي ۽ سياحت بابت منصوبن ۾ حصو وٺڻ جي دعوت ڏني.  بيان ۾ چيو ويو ته سريلنڪا بنگلاديش جي نرسن لاءِ ساليانو تربيتي موقعن ۾ اضافو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي سرڪاري خابرو ايجنسين وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي آجيان ڪئي. بنگلاديش سريلنڪا جي موجوده سيڙپڪاري کي ساراهيندي وڌيڪ سيڙپڪاري خاص طور تي دواسازي، مهمانوازي، سياحت، آٽو موبائيلز، لائٽ انجنيئرنگ، تجديد جوڳي توانائي، زرعي مصنوعات جي پروسيسنگ، چمڙي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. سريلنڪا جي ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ بورڊ موجب بنگلاديش، سريلنڪا جي 12 هين وڏي ايڪسپورٽ منزل آهي، 2024ع ۾ سريلنڪا جو بنگلاديش ڏانهن ڪل روانگي واپار 241.54 ملين آمريڪي ڊالر جڏهن ته ان عرصي ۾ بنگلاديش مان آمدني واپار 83.79 ملين ڊالر رهيو.

مزید خبریں