قازقستان جلد ابراهيمي معاهدن ۾ شامل ٿي ويندو: آمريڪي صدر

واشنگٽن -07 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته قازقستان ابراهيمي معاهدن ۾ شامل ٿي ويندو جنهن جو مقصد اسرائيل ۽ مسلمان ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽروٿ سوشل اڪائونٽ تي لکيو آهي ته اسان جلد ان کي باضابط بڻائڻ لاءِصحيحين جي تقريب جو اعلان ڪنداسين ۽ وڌيڪ گهڻا ملڪ طاقت جي ان ڪلب ۾ شامل ٿيڻ جي …

واشنگٽن -07 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته قازقستان ابراهيمي معاهدن ۾ شامل ٿي ويندو جنهن جو مقصد اسرائيل ۽ مسلمان ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽروٿ سوشل اڪائونٽ تي لکيو آهي ته اسان جلد ان کي باضابط بڻائڻ لاءِصحيحين جي تقريب جو اعلان ڪنداسين ۽ وڌيڪ گهڻا ملڪ طاقت جي ان ڪلب ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. آمريڪي صدر جو اهو اعلان ان اڳڀرائي بعد سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته هن اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ قازقستان جي صدر قاسم جومارت تو قائيف سان فون تي ڳالهيون ڪيون . ان کان اڳ قازقستان حڪومت جي ترجمان طرفان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي هئي ته سندس ملڪ ابراهيمي معاهدن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڳالهيون حتمي مرحلي ۾ آهن . سندس چوڻ هو ته ابراهيمي معاهدن ۾ اسان جي امڪاني شموليت قازقستان جي پرڏيهي پاليسي جي رخ جو قدرتي ۽ منطقي تسلسل آهي جيڪو ڳالهين،گڏيل احترام ۽ علائقائي استحڪام تي ٻڌل آهي . قازقستان جا اسرائيل سان اڳ ئي  مڪمل سفارتي لاڳاپا ۽ اقتصادي رابطه موجود آهن . ابراهيمي معاهدن ۾ سندن شموليت رڳو علامتي هوندي پر آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ان تاثر کي رد ڪندي چيو ته اهو رڳو سفارتي لاڳاپن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هڪ بهتر وسيع لاڳاپو آهي. اهو لاڳاپو انهن سمورن ٻين ملڪن سان گڏ آهي جيڪي معاهدن جو حصو آهن . توهان هاڻي هڪ اهڙي شراڪتداري کي جنم ڏئي رهيا آهيو جيڪا هر طرح جي مسئلن تي ، جن تي هو گڏجي ڪري ڪم ڪري سگهن ٿا .خصوصي ۽ منفرد اقتصادي ترقي جو سبب بڻجندي. واضع رهي ته آمريڪا هڪ اهڙي خطي ۾ اثر رسوخ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جتي روس جو ڊگهي عرصي تائين قبضو رهيو آهي جنهن کي چين تيزي سان پنهنجي طرف آڻي رهيو آهي . آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توقائيف سان گڏ ڪرغزستان ، تاجڪستان ،ترڪمانستان ۽ ازبڪستان جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪئي . ان موقعي تي هن چيو ته هتي نمائندگي ڪندڙ ڪجهه ملڪ ابراهيمي معاهدن ۾ شامل ٿي رهيا آهن ۽ اهي اعلان ٿوري عرصي ۾ ڪيا ويندا.

مزید خبریں