چين جي صدر پاران پال بيا کي ڪيمرون جو صدر ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪون

بيجنگ-07 نومبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ، پال بيا کي ڪيمرون جو صدر ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق پنهنجي پيغام ۾ چين جي صدر چيو ته چين ۽ ڪيمرون وچ ۾ روايتي دوستي قائم آهي ، تازن سالن ۾ ٻنهي ملڪن سياسي گڏيل اعتماد کي مضبوط ڪيو آهي . مختلف شعبن ۾ سهڪار جا مثبت نتيجا حاصل ڪيا آهن ۽ پنهنجن …

بيجنگ-07 نومبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ، پال بيا کي ڪيمرون جو صدر ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق پنهنجي پيغام ۾ چين جي صدر چيو ته چين ۽ ڪيمرون وچ ۾ روايتي دوستي قائم آهي ، تازن سالن ۾ ٻنهي ملڪن سياسي گڏيل اعتماد کي مضبوط ڪيو آهي . مختلف شعبن ۾ سهڪار جا مثبت نتيجا حاصل ڪيا آهن ۽ پنهنجن بنيادي مفادن ۽ اهم معاملن تي هڪ ٻئي جي پختي حمايت ڪئي آهي . هن نشاندهي ڪئي ته ايندڙ سال ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 55 هين سالگره ملهائي ويندي ، جيڪا ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جو نئون موقعو فراهم ڪندي. صدر شي جن پنگ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هو چين ۽ ڪيمرون جي لاڳاپن جي ترقي کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ صدر بيا سان گڏجي چين – آفريڪا سهڪار فورم(ايف او سي اي سي ) جي بيجنگ سربراهي اجلاس جي نتيجن تي عمل ڪرڻ کي هڪ موقعي طور استعمال ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن چين ۽ ڪيمرون جي جامع اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي وڌيڪ گهرو ڪيو وڃي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ فائدو پهچايو وڃي.

مزید خبریں