ترڪيه جي گهرو وزير جو پاڪستان جي هم منصب سان پاڪستان مونومنٽ جو دؤرو

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) ترڪيه جي گهرو وزير علي يرليڪايا پاڪستاني هم منصب محسن نقوي سان پاڪستان مونومنٽ جو دؤرو ڪيو. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب اسلام آباد پوليس جي چست جٿي ترڪيه جي گهرو وزير کي سلامي ڏني. ترڪيه جي گهرو وزير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ترڪيه جي گهرو وزير شڪرپڙيان مان اسلام آباد شهر ۽ مارگله جي …

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) ترڪيه جي گهرو وزير علي يرليڪايا پاڪستاني هم منصب محسن نقوي سان پاڪستان مونومنٽ جو دؤرو ڪيو. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب اسلام آباد پوليس جي چست جٿي ترڪيه جي گهرو وزير کي سلامي ڏني. ترڪيه جي گهرو وزير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ترڪيه جي گهرو وزير شڪرپڙيان مان اسلام آباد شهر ۽ مارگله جي جبلن جي سلسلي جو جائزو ورتو. ترڪيه جي گهرو وزير اسلام آباد جي خوبصورتيءَ کي ساراهيو. ان موقعي تي گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري به موجود هو.

مزید خبریں