اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ترڪيه جي گهرو وزير علي يرليڪايا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهين ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي، منشيات جي خاتمي، انساني اسمگلنگ، بارڊر سيڪيورٽي، سائبر ڪرائيم، ڪوسٽ گارڊ ۽ پوليس جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن جي گهرو وزارتن وچ ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ جوائنٽ …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير سان ترڪ هم منصب جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ترڪيه جي گهرو وزير علي يرليڪايا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهين ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي، منشيات جي خاتمي، انساني اسمگلنگ، بارڊر سيڪيورٽي، سائبر ڪرائيم، ڪوسٽ گارڊ ۽ پوليس جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن جي گهرو وزارتن وچ ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي قيام تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزيرن وچ ۾ ملاقات ۾ دهشتگردي جي خاتمي، اميگريشن ۽ انساني اسمگلنگ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ۽ پاڪستان طرفان انٽرپول جي چونڊن ۾ ترڪيه جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو ويو. ڪالهه گهرو وزارت مان جاري بيان موجب ترڪيه جي گهرو وزير جي پاڪستان جي دؤري ۽ گهرو وزارت آمد تي محسن نقوي ترڪيه جي هم منصب جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. ترڪيه جي گهرو وزير، محسن نقوي سان ون ٽو ون ملاقات ڪئي ۽ پوءِ وفد جي سطح تي به ملاقات ٿي، جنهن ۾ پاڪ- ترڪيه لاڳاپن، دهشتگردي جي خاتمي، منشيات جي خاتمي، انساني اسمگلنگ، بارڊر سيڪيورٽي، سائبر ڪرائيم، ڪوسٽ گارڊ ۽ پوليس جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ملڪن جي گهرو وزارتن وچ ۾ وڌيڪ تعاون کي فعال ڪرڻ لاءِ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي قيام تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ فيصلو ٿيو ته ورڪنگ گروپ هر سال 4 ڀيرا ملاقات ڪندو. ٻنهي گهرو وزيرن وچ ۾ ملاقات ۾ دهشتگردي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ترڪيه جي گهرو وزير چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي ترڪيه جي سيڪيورٽيءَ کان ڌار ناهي. ترڪيه جي گهرو وزير پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي خاتمي جي شعبن ۾ فعال ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اميگريشن ۽ انساني اسمگلنگ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته انساني اسمگلنگ ۽ غير قانوني اميگريشن هڪ عالمي مسئلو آهي، ان جي ازالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ملاقات ۾ پاڪستان طرفان انٽرپول جي چونڊن ۾ ترڪيه جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو ويو. ملاقات ۾ منشيات جي خاتمي جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط کان مضبوط بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. محسن نقوي چيو ته پاڪستان جي اينٽي نارڪوٽڪس فورس محدود وسيلن باوجود ساراهه جوڳو ڪم ڪري رهي آهي. گذريل پنجن سالن ۾ پاڪستان مان ترڪيه منشيات اسمگلنگ جو هڪ ڪيس به سامهون نه آيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پوليس ٽريننگ جي شعبي ۾ به تعاون وڌائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ترڪيه جي گهرو وزير چيو ته ترڪيه پاڪستان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو. ترڪيه پاڪستان سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي قيام سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي هٿي ملندي. ترڪيه جي گهرو وزير پاڪستان ۾ شاندار مهمان نوازيءَ تي پاڪستاني هم منصب جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي ترڪيه جي وفد جي ميمبرن گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري، وفاقي گهرو سيڪريٽري، گهرو معاملن واري اسپيشل سيڪريٽري ۽ ٻيا موجود هئا.











