اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) فيفا جي سينيئر نائب صدر شيخ سلمان بن ابراهيم الخليفه پاڪستان ۾ فٽبال جي اهميت وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي، تربيت جي بهتري ۽ سڄي ملڪ ۾ نوجوان فٽبال رانديگرن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم جي يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان فيفا جي سينيئر نائب صدر …
فيفا جي سينيئر نائب صدر جي رانا مشهود احمد خان سان ملاقات، پاڪستان ۾ فٽبال کي هٿي وٺرائڻ، انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ نوجوان فٽبال رانديگرن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) فيفا جي سينيئر نائب صدر شيخ سلمان بن ابراهيم الخليفه پاڪستان ۾ فٽبال جي اهميت وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي، تربيت جي بهتري ۽ سڄي ملڪ ۾ نوجوان فٽبال رانديگرن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم جي يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان فيفا جي سينيئر نائب صدر پاڪستان فٽبال فيڊريشن پي ايف ايف جي صدر محسن گيلاني ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ فوڪل پرسن پي ايم واءِ پي سيده آمنه بتول وچ ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ٿي. ان ملاقات جو بنيادي مقصد پاڪستان ۾ فٽبال کي نئين زندگي ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي طئي ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي فٽبال جي مؤقف کي مستحڪم ڪرڻ هو. پي ايم واءِ پي جي چيئرمين، شيخ سلمان جو پاڪستان ۾ آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ٿورو مڃيو ته هو ذاتي دعوت تي پاڪستان آيو. هن پاڪستاني فٽبال جي ان موقعي تي ان جي موجودگيءَ جي ساراهه ڪندي چيو ته پاڪستان حڪومت وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ فيفا جي انتظاميه کي مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ فيفا سان گڏجي ملڪ ۾ فٽبال کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندي. رانا مشهود احمد خان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان 8 سالن جي پابندي جي خاتمي کانپوءِ فٽبال جي سرگرمين ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي ۽ هاڻ ملڪ عالمي فٽبال جي ميدان ۾ پنهنجو مقام بڻائڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين حڪومت جي مختلف شعبن ۾ ترقيءَ جي عزم کي اجاگر ڪيو جن ۾ تعليم، آءِ ٽي، مهارت جي ترقي، ثقافت ۽ رانديون شامل آهن ۽ فٽبال کي يوٿ پروگرامز جي هڪ اهم حصي طور خاص اهميت ڏني. هن پي ايف ايف جي نئين قيادت سيد محسن گيلاني تحت ملڪ ۾ فٽبال جي شعبي ۾ وڏا قدم کڻڻ لاءِ حڪومت جي تياريءَ جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين پي ايف ايف جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. شيخ سلمان بن ابراهيم چيئرمين يوٿ پروگرام جو ٿورو مڃيو ۽ پاڪستان جي فٽبال جي امڪانن تي اعتماد جو اظهار ڪيو. هن گذريل سالن ۾ درپيش چئلينجز جو اعتراف ڪيو ۽ چيو ته موجوده وقت پاڪستان ۾ فٽبال لاءِ هڪ نئين دؤر شروع ڪرڻ جو منفرد موقعو پيش ڪري ٿو. فيفا جي نائب صدر چيو ته پاڪستان ۾ فٽبال جو مستقبل فيفا، پي ايف ايف ۽ حڪومت وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيندو. پي ايف ايف جي قيادت سيد محسن گيلاني تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ فيفا طرفان پاڪستان جي فٽبال جي ترقيءَ جي مڪمل حمايت جي تصديق ڪئي.











