اسلام آباد - 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڪيورٽي، دهشتگردي ۽ منشيات جي خاتمي، پوليس جي تربيت، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، واپار ۽ اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ پاڪ ترڪ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جاري امن ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري تي ترڪيه جي قيادت جا ٿورا مڃيا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪيه جي …
وزيراعظم شهباز شريف سان ترڪيه جي گهرو وزير علي يرليڪايا جي ملاقات، پراڻي ۽ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڪيورٽي، دهشتگردي ۽ منشيات جي خاتمي، پوليس جي تربيت، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، واپار ۽ اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ پاڪ ترڪ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جاري امن ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري تي ترڪيه جي قيادت جا ٿورا مڃيا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪيه جي گهرو وزير وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پراڻي ۽ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. وزيراعظم پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اچڻ تي جمهوريه ترڪيه جي گهرو وزير علي يرليڪايا ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته انهن جو اهو دورو پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم ملاقات ۾ ترڪ صدر رجب طيب ايردوان جي لاءِ مبارڪباد وارو پيغام ڏنو. هن سيڪيورٽي، دهشتگردي جي خاتمي، منشيات جي خاتمي، پوليس جي تربيت، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، واپار ۽ اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم اهم معاملن تي پاڪستان جي موقف جي لاءِ ترڪيه جي مضبوط ۽ اڻٿڪ حمايت کي ساراهيندي استنبول ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جاري امن ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪرڻ تي ترڪيه جي قيادت جا خصوصي طور تي ٿورا ادا ڪيا. ترڪ گهرو وزير پنهنجي ۽ ترڪ وفد جي بهترين مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي ترڪ صدر ايردوان پاران وزيراعظم جي لاءِ مبارڪباد وارو پيغام پهچايو. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، انٽيليجنس جي حصيداري ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري، خاص معاون طارق فاطمي، اين ڊي ايم اي چيئرمين، گهرو سيڪريٽري ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هئا.











