راولپنڊي-06 نومبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان برطانوي فوج جي چيف آف دي جنرل اسٽاف جنرل سرچارلس رولينڊ ونسنٽ والڪر جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفان خطي ۾ امن استحڪام کي يقيني بڻائڻ …
چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان برطانوي فوج جي چيف آف دي جنرل اسٽاف جنرل سرچارلس رولينڊ ونسنٽ والڪر جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي-06 نومبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان برطانوي فوج جي چيف آف دي جنرل اسٽاف جنرل سرچارلس رولينڊ ونسنٽ والڪر جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفان خطي ۾ امن استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ مسلسل تعاون جي ضرورت جي عزم کي ورجايو ويو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب معزز مهمان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين، قربانين ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهيو. ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو آمد تي سرچارلس رولينڊ ونسنٽ والڪر شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. پاڪ فوج جي چست جٿي معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.











