هندو برادري جي ماڻهن کي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جا الزام بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ آهن: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 06 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسين اندرابي ڪجهه ڀارتي ميڊيا رپورٽس ۾ هندو برادري جي ماڻهن کي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي الزامن کي سختي سان رد ڪندي انهن کي بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ڪڏهن به مذهبي بنيادن تي ڪنهن کي داخل ٿيڻ کان ناهي روڪيو …

اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسين اندرابي ڪجهه ڀارتي ميڊيا رپورٽس ۾ هندو برادري جي ماڻهن کي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي الزامن کي سختي سان رد ڪندي انهن کي بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ڪڏهن به مذهبي بنيادن تي ڪنهن کي داخل ٿيڻ کان ناهي روڪيو ۽ اهي الزام حقيقتن کي مسخ ڪرڻ ۽ هڪ معمولي انتظامي معاملي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي هڪ ٻي ڪوشش آهي. هن ٻڌايو ته ڀارت ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن بابا گرو نانڪ ديوجي جي سالگرهه جي تقريبن (4 کان 13 نومبر 2025ع) ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت مان آيل 2400 کان وڌيڪ سک ياترين کي ويزا جاري ڪيا. هن چيو ته 4 نومبر تي 1932 ياتري اٽاري – واهگه بارڊر جي رستي پاڪستان ۾ ڪاميابي سان داخل ٿيا جڏهن ته اٽڪل 300 ويزا هولڊرز کي ڀارتي عملدارن سرحد پار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. هن واضح ڪيو ته پاڪستاني اميگريشن جو عمل مڪمل طور تي منظم، شفاف ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي سرانجام ڏنو ويو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهن جا سفري دستاويز مڪمل نه هئا ۽ اهي اميگريشن عملدارن کي اطيمنان جوڳي وضاحت ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا جنهن تي انهن کي معمول جي طريقيڪار موجب ڀارت طرف واپس وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي. هن چيو ته اها دعويٰ ته انهن ماڻهن کي مذهبي بنيادن تي روڪيو ويو، سراسر غلط، گمراهه ڪندڙ ۽ شرانگيز آهي. پاڪستان سدائين سمورن مذهبن جي زائرين کي پنهنجي مقدس جاين جي زيارت جي لاءِ ڀليڪار ڪري ٿو ۽ ان مقصد جي لاءِ هڪ واضح ۽ آسان فريم ورڪ قائم ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته اهو قدم نج انتظامي نوعيت جو هو ۽ پاڪستان جي پنهنجي سرزمين ۾ داخلا کي منظم ڪرڻ جي خودمختيار حق موجب آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ان معاملي کي ڀارتي حڪومت ۽ ميڊيا پاران مذهبي ۽ سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا انهن جي اندر وڌندڙ متعصباڻي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿي.

مزید خبریں