ڄمون ۾ وهندڙ رت جي هر ڦڙو اڄ به آزاديءَ جي سدا بڻجي دنيا جو ضمير جنجهوڙي رهيو آهي: محسن نقوي

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پنهنجي رت سان آزاديءَ جو ڏيئو روشن ڪندڙ جان نثارن کي سلام پيش ڪيو آهي. ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي تي پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته پنهنجي آزادي ۽ سُڃاڻپ جي تحفظ لاءِ جانيون قربان ڪندڙن کي خراجِ عقيدت پيش ڪريان ٿو. شهيدن ظلم ۽ ڏاڍ جي مقابلي ۾ استقامت ۽ قربانيءَ جي لازوال داستان …

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پنهنجي رت سان آزاديءَ جو ڏيئو روشن ڪندڙ جان نثارن کي سلام پيش ڪيو آهي. ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي تي پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته پنهنجي آزادي ۽ سُڃاڻپ جي تحفظ لاءِ جانيون قربان ڪندڙن کي خراجِ عقيدت پيش ڪريان ٿو. شهيدن ظلم ۽ ڏاڍ جي مقابلي ۾ استقامت ۽ قربانيءَ جي لازوال داستان لکي. 6 نومبر 1947ع تي ڊوگره فوج ۽ هندو انتهاپسندن ڄمون ۾ مسلم آباديءَ جو سازش تحت قتلِ عام ڪيو ۽ 2 لک کان وڌيڪ مسلمان شهيد ڪيا ويا. خاندانن جا خاندان تباهه ڪيا ويا، هي سانحو نام نهاد جمهوريت جي بدترين ظلم ۽ ڏاڍ جي مڪروه چهري کي بي نقاب ڪري ٿو. هن چيو ته ڄمون ۾ وهندڙ رت جو هر ڦڙو اڄ به آزاديءَ جي سدا بڻجي دنيا جي ضمير کي جنجهوڙي رهيو آهي. اڄ به والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز پنهنجون وحشياڻيون سرگرميون جاري رکيو پئي اچي. پاڪستان ڪشميري عوامس ان سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجائي ٿو. ڄمون جا شهيد آزاديءَ جي جدوجهد جا روشن معمار آهن، هي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته قربانيون رائيگان نه وينديون، ظلم مٽجي ويندو ۽ آزاديءَ جو سج ضرور اُڀرندو.

مزید خبریں