دوحه - 06 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي (ڪيو آءِ اي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد سيف السويدي ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ …
خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد سيف السويدي جي ملاقات

مزید خبریں
دوحه – 06 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي (ڪيو آءِ اي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد سيف السويدي ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل حصيداري جي امڪانن تي زور ڏنو. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وڌندڙ سيڙپڪاري منصوبن کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪيو آءِ اي پاران وڌيڪ سيڙپڪاري سان پائيدار معاشي ترقي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. محمد سيف السويدي قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي پاران پاڪستان سان اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ گڏيل منصوبن جا نوان موقعا ڳولڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











