مملڪتي وزير  وجيهه قمر جي يونيسڪو جنرل ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي، غزه ۾ تعليمي ۽ ثقافتي ڍانچي جي بحالي ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ تي زور

سمرقند-06 نومبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير  وجيهه قمر ازبڪستان جي شهر سمر قند ۾ جاري گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي اداري (يونيسڪو) جي 43 هين جنرل ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي غزه ۾ تعليمي ۽ ثقافتي ڍانچي جي بحالي ۾ يونيسڪو کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڀريو.  هن اجلاس ۾ 194 ميمبر ملڪن جا نمائندا شريڪ هئا. پنهنجي خطاب …

سمرقند-06 نومبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير  وجيهه قمر ازبڪستان جي شهر سمر قند ۾ جاري گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي اداري (يونيسڪو) جي 43 هين جنرل ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي غزه ۾ تعليمي ۽ ثقافتي ڍانچي جي بحالي ۾ يونيسڪو کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڀريو.  هن اجلاس ۾ 194 ميمبر ملڪن جا نمائندا شريڪ هئا. پنهنجي خطاب ۾ وجيهه قمر تعليم، سائنس، ثقافت ۽ ميڊيا جي ذريعن کي هٿي ڏيڻ لاءِ يونيسڪو جي مشن سان پاڪستان جي پختي وابستگي کي ورجايو. هن چيو ته موجوده عالمي حالتن ۾ جڏهن دنيا کي تڪرارن، غلط معلومات، عدم برداشت ۽ وڌندڙ اڻبرابري جهڙا چئلينجز درپيش آهن، عالمي تعاون ۽ گهڻ رخي رابطن يج اهميت پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي، مملڪتي وزير پاڪستان ۾ تعليمي سڌارن جي حوالي سان حڪومت جي ترجيحن تي روشني وجهندي چيو ته حڪومت تعليم کي جامع، جديد ٽيڪنالاجي سان هموار ۽ هنرمنداڻي بنياد تي آڻي رهي آهي ته جيئن نوجوان صرف روزگار لاءِ نه پر مستقبل جي چئلينجن لاءِ به تيار ٿين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان افغانستان، فلسطين، آفريقا ۽ ننڍن ٻيٽن جهڙن اسرندڙ ملڪن جي شاگردن لاءِ تعليمي معاونت فراهم ڪري رهيو آهي ۽ افغانستان لاءِ رکيل ساڍا 4 هزار اسڪالرشپس مان هڪ ڀاڱي ٽي حصو عورتن لاءِ آهي، وجيهه قمر عالمي سطح تي تعليمي بحرانن جو ذڪر ڪندي يونيسڪو تي زور ڀريو ته هو جنگ بندي کانپوءِ غزه ۾ تعليمي ۽ ثقافتي ڍانچي جي بحالي ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري ۽ سڄي دنيا ۾ اسڪولن کان ٻاهر 27 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ موثر قدم کڻي. هن يونيسڪو جي اندر اداره جاتي سڌارن، شفافيت ۽ ميمبر ملڪن جي شموليت، مالي پائيدار کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ته جيئن تنظيم جا بنيادي هدف موثر انداز ۾ حاصل ڪري سگهجن. مملڪتي وزير يونيسڪو جي سائنسي پروگرامن، بين الصوبائي تجرباتي ڪميشن، هائيڊرو لوجيڪل پروگرام ۽ ”مين اينڊ دي بايو سفيئر“ پروگرام لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجايو ۽ چيو ته اهي پروگرام عالمي سطح تي پائيداري ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي سگهه کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان يونيسڪو ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان گڏجي عالمي امن، ڳالهين ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي پنهنجي عزم تي قائم آهي.

مزید خبریں