پاڪستان ۾ فوٽ بال جي تمام وڏي صلاحيت موجود آهي، ملڪ ۾ فوٽ بال کي ترقي ڏيارينداسين: راڻا مشهود احمد خان

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ فوٽ بال جي تمام وڏي صلاحيت موجود آهي، فيفا جي سينئر نائب صدر سلمان بن ابراهيم الخليفه فيفا ۽ اي ايف سي جي تعاون سان ان خوبصورت ملڪ ۾ فوٽ بال کي ترقي ڏيندا. راڻا مشهود احمد خان فيفا جي سينئر نائب صدر شيخ سلمان بن ابراهيم الخليفه ۽ پاڪستان …

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ فوٽ بال جي تمام وڏي صلاحيت موجود آهي، فيفا جي سينئر نائب صدر سلمان بن ابراهيم الخليفه فيفا ۽ اي ايف سي جي تعاون سان ان خوبصورت ملڪ ۾ فوٽ بال کي ترقي ڏيندا. راڻا مشهود احمد خان فيفا جي سينئر نائب صدر شيخ سلمان بن ابراهيم الخليفه ۽ پاڪستان فوٽ بال فيڊريشن جي صدر محسن گيلاني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فيفا جي نائب صدر کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چئون ٿا، حڪومت نوانن کي راندين سميت ٻين شعبن ۾ موقعا فراهم ڪري رهي آهي، شيخ سلمان جي فوت بال جي حوالي سان بي شمار خدمتون آهن، فيفا سان گڏجي پاڪستان ۾ موجود ٽئلينٽ ڳولينداسين. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن تحت راندين جي ميدان ۾ مثبت تبديليون اچي رهيون آهن، نوجوانن سان ڪيل واعدن تي مثبت انداز ۾ عمل ٿي رهيو آهي، اسان ملڪ ۾23 راندين ۾ ٽئلينٽ هنٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، فوت بال انهن 23 راندين مان هڪ آهي ۽ اسان وٽ گهڻا باصلاحيت نوجوان موجود آهن. فيفا جي سينئر نائب صدر شيخ سلمان بن ابراهيم الخليفه چيو ته ڪيترن ئي سالن کانپوءِ پاڪستان اچي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، آئون آخري ڀيريو 2017ع ۾ پاڪستان آيو هئس، هن دفعي پاڪستان اچڻ جو وقت بلڪل درست آهي. پي ايف ايف جي صدر سيد محسن گيلاني جي قيادت ۾ چونڊيل باڊي خوش آئنده آهي، پاڪستان ۾ فوٽ بال کي هٿي ڏيڻ لاءِ واضح روڊ ميپ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ فوٽ بال جي تمام وڏي صلاحيت موجود آهي، ڪيترائي ماڻهو ان راند کي پسند ڪندا آهن،اسان کي ان کي وڌ کان وڌ هٿي ڏيڻ آهي، پاڪستان ۾ فوت بال کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين. هن چيو ته انفرا اسٽرڪچر ايترو ڪجهه ناهي پر انهن پروگرامن سان ان کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ويجهي مستقبل ۾ اوهان کي تبديليون نظر اينديون.

مزید خبریں