دوحه - 06 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان الجزيره ميڊيا نيٽ ورڪ جي ڊائريڪٽر جنرل ناصر بن فيصل بن خليفه الثاني دوحه ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري قطر جي ميزباني ۽ قطري قيادت سان ٿيندڙ لاڀائتي ملاقاتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته الجزيره جو معروضي صحافت ۽ قومن جي وچ ۾ هم …
صدر آصف علي زرداري سان الجزيره ميڊيا نيٽ ورڪ جي ڊائريڪٽر جنرل ناصر بن فيصل بن خليفه الثاني جي ملاقات

مزید خبریں
دوحه – 06 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان الجزيره ميڊيا نيٽ ورڪ جي ڊائريڪٽر جنرل ناصر بن فيصل بن خليفه الثاني دوحه ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري قطر جي ميزباني ۽ قطري قيادت سان ٿيندڙ لاڀائتي ملاقاتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته الجزيره جو معروضي صحافت ۽ قومن جي وچ ۾ هم آهنگي جي فروغ ۾ اهم ڪردار آهي. صدر آصف علي زرداري فلسطيني عوام جي حق ۾ قطر جي اصولي موقف ۽ غزه جي امن جي لاءِ قيادت کي ساراهيو. ناصر بن فيصل الثاني قطر سان يڪجهتي جي اظهار تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. الجزيره ميڊيا نيٽ ورڪ جي ڊائريڪٽر جنرل صدر کي آگاهه ڪيو ته الجزيره جو هڪ اعليٰ سطحي وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. ملاقات ۾ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستاني سفير پڻ موجود هئا.











