وزيراعظم سان متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ 7 رڪني وفد ملاقات،27هين آئيني ترميم تي مشاورت

اسلام آباد - 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ 7 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ خالد مقبول صديقي کانسواءِ سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، صحت وارو وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار، جاويد حنيف …

اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ 7 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ خالد مقبول صديقي کانسواءِ سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، صحت وارو وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار، جاويد حنيف خان، سيد امين الحق ۽ خواجه اظهار الحسن شامل هئا. ملاقات ۾ تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم تي ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پارلياماني معاملن وارو وزير طارق فضل چوڌري ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.

مزید خبریں