وزيراعظم سان وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ق) جي چار رڪني وفد جي ملاقات،27هين آئيني ترميم تي مشاورت

اسلام آباد - 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ق) جي چار رڪني وفد ملاقات ڪئي ۽ تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مشاورت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ سينيٽر ڪامل علي آغا ۽ قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري محمد …

اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ق) جي چار رڪني وفد ملاقات ڪئي ۽ تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مشاورت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ سينيٽر ڪامل علي آغا ۽ قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري محمد الياس ۽ فرخ خان شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پارلياماني معاملن وارو وزير طارق فضل چوڌري ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.

مزید خبریں