ڄمون جي شهيدن جون عظيم قربانيون ان ڳالهه جون شاهدي ڏين ٿيون ته ظلم ۽ ڏاڍ ذريعي ڪنهن به قوم جي آواز کي دٻائي نٿو سگهجي: سردار اياز صادق

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ڄمون جي شهيدن جون عظيم قربانيون ان ڳالهه جون گواهي ڏين ٿيون ته ظلم ۽ ڏاڍ ذريعي ڪنهن به قوم جي آواز کي دٻائي نٿو سگهجي، ڊوگره مهاراجا جي فوج ۽ انتهاپسند عنصرن هٿان 2 لک کان وڌيڪ ڪشمير مسلمانن جو قتل عام ۽ لکين ماڻهن جي لڏپلاڻ ننڍي کنڊ جي تاريخ جو هڪ …

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ڄمون جي شهيدن جون عظيم قربانيون ان ڳالهه جون گواهي ڏين ٿيون ته ظلم ۽ ڏاڍ ذريعي ڪنهن به قوم جي آواز کي دٻائي نٿو سگهجي، ڊوگره مهاراجا جي فوج ۽ انتهاپسند عنصرن هٿان 2 لک کان وڌيڪ ڪشمير مسلمانن جو قتل عام ۽ لکين ماڻهن جي لڏپلاڻ ننڍي کنڊ جي تاريخ جو هڪ اونداهو باب آهي جنهن کي وساري نٿو سگهجي. گذريل ڏينهن ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي منصفاڻي ۽ جائز جدوجهد ۾ ساڻن گڏ آهي. هن چيو ته 6 نومبر 1947ع جو واقعو تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي جڏهن ته هزارين ڪشميري مسلمانن پنهنجي آزادي ۽ سڃاڻپ جي قيمت رت سان ادا ڪرڻ تي مجبور ٿيا. ڄمون ۾ قتل عام نه رڳو مذهبي نفرت ۽ نسلي متڀيد جو ڀوائتو مثال آهي پر هو عالمي ضمير لاءِ به هڪ کليل چئلينج آهي، هن عالمي برادري، انساني حقن جي تنظيمن ۽ گڏيل قومن تي زور ڀريو ته 1947ع جي ڄمون سانحي کي نسل ڪشي طور تسليم ڪيو وڃي ۽ ڀارت کي ان جي غير قانوني قدمن ۽ ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن جي پائمالي تي ذميوار قرار ڏنو وڃي. هن چيو ته ڀارت طرفان غير قانوني طور تي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياي سڃاڻپ تبديل ڪرڻ جون ڪوششون آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي زمينن تي غير مقامي ماڻهن کي آباد ڪرڻ عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن خلاف کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ حڪومت ۽ عوام ڪشميري عوام جي آزادي واري جهدوجهد لاءِ پنهنجي اخلاقي، سفارتي ۽ سياست حمايت جي عزم کي ورجائي ٿي. پاڪستان هميشه ڪشميري عوام سان گڏ رهندو ۽ هر عالمي فورم تي انهن لاءِ آواز بلند ڪندو رهندو. سردار اياز صادق چيو ته ڄمون جي شهيدن جون قربانيون ان ڳالهه جي يادگيري ڏيارين ٿيون ته آزادي لاءِ ڏنل قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. هن چيو ته پاڪستاني پارليامينٽ، ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان پنهنجي پختي عزم ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي ۽ اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪشميري عوام کي انهن جا بنيادي حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

مزید خبریں