حق جي ويڙهه ۾ شڪست کاڌل ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سطح تي رسوائي ملي، صدر ٽرمپ جو هڪ ڀيرو ٻيهر 7 بدران 8 جهاز ڪيرائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر حق جي ويڙهه ۾ 7 بدران 8 جهاز ڪيرائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. تفصيل موجب حق جي ويڙهه ۾ شڪست کاڌل ڀارت کي هڪ دفعو ٻيهر عالمي سطح تي رسوائي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، آپريشن سندور ۾ پاڪستان هٿان عبرتناڪ شڪست مودي لاءِ ڀوائتو خواب بڻجي وئي آهي. ميامي، آمريڪا ۾ آمريڪن بزنس فورم کي خطاب …

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر حق جي ويڙهه ۾ 7 بدران 8 جهاز ڪيرائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. تفصيل موجب حق جي ويڙهه ۾ شڪست کاڌل ڀارت کي هڪ دفعو ٻيهر عالمي سطح تي رسوائي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، آپريشن سندور ۾ پاڪستان هٿان عبرتناڪ شڪست مودي لاءِ ڀوائتو خواب بڻجي وئي آهي. ميامي، آمريڪا ۾ آمريڪن بزنس فورم کي خطاب دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪ ڀارت جنگ دوران بنيادي طور تي 8 جهاز ڪيرايا ويا، 7 جهاز ڪيرايا ويا جڏهن ته اٺين جهاز کي نقصان پهچايو ويو. آمريڪي صدر ٽرمپ پاڪ – ڀارت جنگ بندي ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي دعويٰ به ڪري چڪو آهي، آمريڪي صدر ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري ساراهه به ڪري چڪو آهي. پاڪستان جي ڪامياب حڪومتي سفارتڪاري ۽ عسڪري ڊپلوميسي پاڪستان جي عالمي سڃاڻپ مستحڪم ڪري ڇڏي.

مزید خبریں