پاڪستان سنگل ونڊو پاران سرحد پار واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پهريون ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارم ”ٽريڊ ليب“ جي شروعات

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سنگل ونڊو سرحد پار واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پهريون ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارم ”ٽريڊ ليب“ جي شروعات ڪئي آهي. پليٽ فارم سسٽين ايبل ڊولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ جي سهڪار ۽ سينٽر فار انٽرنيشنل پرائيويٽ انٽر پرائيز جي مالي مدد سان تيار ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد ڪاروباري ماڻهن، اسٽارٽ اپس ۽ ادارن کي عالمي واپار جي جديد گهرجن، ڪسٽمز جي عمل ۽ …

اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سنگل ونڊو سرحد پار واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پهريون ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارم ”ٽريڊ ليب“ جي شروعات ڪئي آهي. پليٽ فارم سسٽين ايبل ڊولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ جي سهڪار ۽ سينٽر فار انٽرنيشنل پرائيويٽ انٽر پرائيز جي مالي مدد سان تيار ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد ڪاروباري ماڻهن، اسٽارٽ اپس ۽ ادارن کي عالمي واپار جي جديد گهرجن، ڪسٽمز جي عمل ۽ ريگوليٽري اصولن کان آگاهه ڪرڻ آهي. ٽريڊ ليب پاڪستان سنگل ونڊو جي ان ويزن کي اڳتي وڌائي ٿو جنهن تحت ڪاروباري عمل جو وقت ۽ خرچ گهٽ ڪندي قومي ۽ عالمي واپاري اصولن سان هم آهنگي کي هٿي وٺرائي پئي وڃي. شروعاتي مرحلي ۾ ان پليٽ فارم ۾ 9 ڪورسز شامل ڪيا ويا آهن ته جيئن واپار سان لاڳاپيل ماڻهن کي قومي ۽ عالمي قانونن، ضابطن ۽ مارڪيٽ جي لاڙن کان باخبر رکي سگهجي. ٽريڊ ليب جي شروعات پاڪستان جي ورلڊ ٽريڊ آرگنائزيشن جي ٽريڊ فيسليٽيشن ايگريمينٽ تحت واپاري نظام کي جديد بڻائڻ واري عزم موجب آهي. هي پليٽ فارم واپارين، سرڪاري آفيسرن ۽ لاجسٽڪس فراهم ڪندڙن لاءِ هڪ اهم ذريعو ثابت ٿيندو ته جيئن سمورا اسٽيڪ هولڊرز ڊجيٽل سنگل ونڊو سسٽم مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن.

مزید خبریں