اسلام آباد - 6 نومبر (اي پي پي) حريت اڳواڻ عبدالحميد لون ڄمون جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن ڄمون ڪشمير لاءِ ڪارو ڏينهن آهي، 06 نومبر 1947ع ۾ ان ڏينهن تي ڄمون ۾ ڀارت مسلمانن کي پنهنجي بربريت جو نشانو بڻايو ۽ آر ايس ايس جي دهشتگردن اٽڪل پنج لک مسلمانن کي شهيد ڪيو. جاري بيان ۾ هن چيو ته برطانوي اخبار ان …
ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن، 1947ع ۾ ان ڏينهن تي ڀارت لکين مسلمانن کي شهيد ڪيو: حريت اڳواڻ عبدالحميد لون

مزید خبریں
اسلام آباد – 6 نومبر (اي پي پي) حريت اڳواڻ عبدالحميد لون ڄمون جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن ڄمون ڪشمير لاءِ ڪارو ڏينهن آهي، 06 نومبر 1947ع ۾ ان ڏينهن تي ڄمون ۾ ڀارت مسلمانن کي پنهنجي بربريت جو نشانو بڻايو ۽ آر ايس ايس جي دهشتگردن اٽڪل پنج لک مسلمانن کي شهيد ڪيو. جاري بيان ۾ هن چيو ته برطانوي اخبار ان وقت 2 لک 37 هزار ڪشميري مسلمانن جي قتل عام جي تصديق ڪئي هئي. حريت اڳواڻ چيو ته حڪومت ڪانگريس جي سرپرستي ۾ جن سنگهه ۽ آر ايس ايس مسلمانن جو قتل عام ڪيو ، نومبر 1947ع مسلمانن جي قتل عام جي المناڪ ڪهاڻي آهي جنهن تي تاريخ به شرمسار آهي. عبدالحميد لون چيو ته 1947ع ۾ مسلمانن جي نسل ڪشي ڪئي وئي ۽ ڀارتي درندگي تان پردو کنيو ويو، اهو قتل عام هڪ منظم سازش هئي ته جيئن ڄمون ۾ آبادي جي شرح کي تبديل ڪري سگهجي . آر ايس ايس ۽ جن سنگهه جي دهشتگردن هزارين عورتن کي اغوا ڪري ورتو هو . عبدالحميد لون چيو ته آر ايس ايس هزارين عورتن جي بي حرمتي ڪئي ، مسلمانن جي گهرن کي ساڙيو ويو ۽ ڦر مار ڪئي ، ڀارت جي پرتشدد ظلم باوجود ڪشميري عوام جي جذبي کي ختم نه ڪري سگهيا . هن چيو ته شهيدن جو ڏينهن ڀارت جي وحشياڻي ظلم جو نشانو بڻجندڙ معصوم ڪشميرين کي اڄ به ياد آهي. ڀارتي ظلم باوجود ڪشميري عوام آزادي جي شمع کي روشن رکيو آهي.











