اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اڄ اسان ڄمون جي انهن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن کي آڪٽوبر ۽ نومبر 1947ع ۾ ڊوگره فوج ۽ آر ايس ايس نظريي جي انتهاپسند گروپن ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻائي شهيد ڪيو. ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ وفاقي …
ڄمون جي شهيدن جي قرباني ان عزم جي ياد ڏياري ٿي ته سچائي کي دٻائي نٿو سگهجي: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اڄ اسان ڄمون جي انهن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن کي آڪٽوبر ۽ نومبر 1947ع ۾ ڊوگره فوج ۽ آر ايس ايس نظريي جي انتهاپسند گروپن ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻائي شهيد ڪيو. ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اهو ڏکويل سانحو ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جي بد ترين انساني المين ۾ شمار ٿئي ٿو. دنيا آمريڪي نائين اليون ۽ نازي ظلمن تي ڀرپور ڌيان ڏنو پر ڪشميرين جي ان قتل عام کي وساري ڇڏيو، جتي صرف ٻن مهينن ۾ 2 لک 60 هزار کان وڌيڪ بي گناهه انسانن کي شهيد ڪيو ويو، تاريخدانن ان کي 20 هين صدي جي اونداهي واري باب ۾ شمار ڪيو آهي، پر افسوس ته دنيا اڄ به ڪشميري عوام جي ڏک ۽ قرباني کي نظرانداز ڪري رهي آهي. هن چيو ته اهو ڪو حادثاتي واقعو نه پر رياستي پرستي ۾ ڪيل هڪ منظم مهم هئي جنهن جو مقصد ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ هو. اڌ ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي پنهنجو گهر ڇڏي پاڪستان هجرت تي مجبور ڪيو ويو. انهن جو واحد ڏوهه انهن جو مذهب ۽ آزادي جي خواهش هئي، 77 سال گذرڻ باوجود ناانصافي جو اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. هن چيو ته 2019ع ۾ هندستان جي آئين جي آرٽيڪل 370، 35 اي جي خاتمي کانپوءِ ڀارت خطي جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ان کي سڌي ريت دهلي جي انتظام ڪري ڇڏيو، زمين ۽ ملڪيت جي قانون ۾ تبديليون ڪيون ويون، غير مقامي آبادڪاري جا منصوبا شروع ڪيا ويا ۽ سرينگر 2035ع جهڙا ترقياتي منصوبا متعارف ڪرايا ويا جنهن جو مقصد وادي جي مسلم اڪثريتي سڃاڻپ کي تبديل ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام جي آواز کي دٻائڻ آهي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان مضبوطي سان گڏ بيٺل آهي. ڄمون جي شهيدن جي قرباني ان عزم جي يادگيري ڏياري ٿي ته سچائي کي دٻائي نٿو سگهجي ۽ انصاف کي هميشه لاءِ روڪي نٿو سگهجي. پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ هو ۽ هميشه رهندو.











