اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) پارلياماني ڪمشمير ڪميٽي جي چيئرمين راڻا قاسم نون چيو آهي ته پاڪستان لاءِ ڪشمير هڪ قومي ڪاز آهي، ڪشمير کانسواءِ پاڪستان اڻپورو آهي، پاڪستان جي تڪميل ڪشمير کانسواءِ نٿي ٿي سگهي، ڪشمير ڀارت جو اندروني مسئلو نه ۽ نه ئي ڀارت جو حصو آهي، ڪشمير ڪو ٻطرفو مسئلو ناهي. ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي راڻا قاسم …
پاڪستان لاءِ ڪشمير هڪ قومي ڪاز آهي: پارلياماني ڪمشمير ڪميٽي جي چيئرمين راڻا قاسم نون ۽ ٻين جو ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) پارلياماني ڪمشمير ڪميٽي جي چيئرمين راڻا قاسم نون چيو آهي ته پاڪستان لاءِ ڪشمير هڪ قومي ڪاز آهي، ڪشمير کانسواءِ پاڪستان اڻپورو آهي، پاڪستان جي تڪميل ڪشمير کانسواءِ نٿي ٿي سگهي، ڪشمير ڀارت جو اندروني مسئلو نه ۽ نه ئي ڀارت جو حصو آهي، ڪشمير ڪو ٻطرفو مسئلو ناهي. ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي راڻا قاسم نون چيو ته ڪشمير جي جدوجهد ڪيترائي سال پراڻي آهي، ڪشمير جي جدوجهد قربانين، قيد ۽ بند جي سختين سان ڀريل آهي، پاڪستان لاءِ ڪشمير هڪ قومي ڪاز آهي. هن چيو ته ڪشمير کانسواءِ پاڪستان اڻ مڪمل آهي. هن چيو ته 6نومبر تي ڄمون ۾ رت جي راند کيڏي وئي، آر ايس ايس جي جٿن ماڻهن کي بسن ۾ ڀري گرائونڊ ۾ وٺي ويا، هن چيو ته فلسطين ۽ ڪشمير ڪاز ۾ قربانين جي حوالي سان هڪجهڙائي آهي، نيتن ياهو ۽ مودي ماڻهن ٻنهي علائقن مان ڪڍڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڪشمير ۾ غير ڪشميرين کي آباد ڪيو پيو وڃي ته جيئن مسلمانن کي اتان ڪڍيو وڃي، اتي هزارين جوان ۽ ٻار اڄ جيلن ۾ آهن. هن چيو ته ڪشمير جي نيلسن منڊيلا شبير شاهه کي علاج جي سهولت ڏني وڃي، ڪشمير ڪاز حڪومتن جو محتاج ناهي اهو رياست جو ڪاز آهي. مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته 78 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن ڄمون شهر کان ٻاهران آڻي ٻه اڍائي لک ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، هن چيو ته ڀارت ان وقت کان ڊيمو گرافي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي اڄ وادي ۾ ڊيمو گرافي کي تبديل ڪرڻ چاهي رهيو آهي، لکين ماڻهن کي وادي جو ڊومسائيل ڏنو ويو، هن چيو ته ڀارت چاهي ٿو ته ڪٿي ضرورت پوي ته نوان ماڻهو آباد ڪيا وڃن ۽ ماڻهن کي استعمال ڪيو وڃي، ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ڪنوينر غلام محمد صفي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته 6 نومبر جي واقعي ڪشمير جي تاريخ تي گهرا نقش ڇڏيا آهن، انگرن ۽ ڊوگره راج وچ ۾ هڪ ڊيل طئي ٿي ان ڊيل تحت هڪ قوم ۽ ان جي دريائن کي سستو وڪرو ڪيو ويو، ڪشمير سان ظلم اڳ ۾ به ٿيو، پنهنجي تاريخ کي نظر ۾ رکندي ان تي غور ۽ فڪر ڪرڻو پوندو. اڄ اسان ڄمون جي شهيدن کي ياد ڪري رهيا آهيون،اڄ جو ڏينهن اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته سڀني ماڻهن ڪنهن مقصد لاءِ قربانيون ڏنيون آهن.











