اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو آهي ته 6 نومبر 1947ع جو سانحو ڪشميري عوام جي تاريخ جو المناڪ نه وسارڻ جوڳو باب آهي، هزارين ڪشميري مسلمان پنهنجي سرزمين، سڃاڻپ ۽ آزادي جي تحفظ لاءِ قربان ٿيا. ڄمون جي شهيدن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي آزادي جو ڏيئو روشن ڪيو، پاڪستان جي عوام ڄمون جي شهيدن کي خراج تحسين پيش …
ڄمون جي شهيدن جو ڏهاڙو، 6 نومبر 1947ع جو سانحو ڪشميري عوام جي تاريخ جو المناڪ باب آهي: ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه

مزید خبریں
اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو آهي ته 6 نومبر 1947ع جو سانحو ڪشميري عوام جي تاريخ جو المناڪ نه وسارڻ جوڳو باب آهي، هزارين ڪشميري مسلمان پنهنجي سرزمين، سڃاڻپ ۽ آزادي جي تحفظ لاءِ قربان ٿيا. ڄمون جي شهيدن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي آزادي جو ڏيئو روشن ڪيو، پاڪستان جي عوام ڄمون جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن ڄمون جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڄمون جي شهيدن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي آزادي جو ڏيئو روشن ڪيو. پاڪستان جو عوام ڄمون جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، ڪشميري عوام جي آزادي واري جدوجهد هڪ منصفاڻي ۽ اصولي تحريڪ آهي. هن چيو ته ڀارت جي رياستي دهشتگردي ڪشميرين جي عزم ۽ حوصلي کي گهٽائي نٿي سگهي. ڄمون ۾ ڊوگره فوج ۽ انتهاپسند هندوئن هٿان هزارين بي گناهه مسلمانن جو قتل انسانيت جي مٿي تي ڪارو داغ آهي. 6 نومبر 1947ع جو قتل عام ڀارتي ظلمن جي سنگين مثال آهي، ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن کي نظرانداز ڪري عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، ڪشميرين کي انهن جو خود اراديت وارو حق ڏيارڻ عالمي برادري جي ذميواري آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پاڪستان جي پارليامينٽ هر عالمي فورم تي ڪشميري عوام جي حق ۾ آواز بلند ڪندي رهندي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ڄمون جي شهيدن جون قربانيون تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکيون وينديون. ڪشميري عوام جون قربانيون آزادي جي سفر کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ٿيون، پاڪستان جو عوام ۽ پارليامينٽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. هن چيو ته عالمي برادري ڪشميري عوام تي ڀارتي ظلمن جو فوري نوٽيس وٺي، پاڪستان مظلوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل رهندو.











