وزيراعظم پاران آزادي جدوجهد ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ هزارين ڪشميرين کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزادي جدوجهد ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ هزارين ڪشميرين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارت 8 ڏهاڪن کان سمورن عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي ابتڙ پنهنجي فوج جي ذريعي ڪشميرين تي غيرقانوني قبضو قائم رکيو آهي، ڪشميري عوام ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ آڏو نه جهُڪيا، پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي …

اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزادي جدوجهد ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ هزارين ڪشميرين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارت 8 ڏهاڪن کان سمورن عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي ابتڙ پنهنجي فوج جي ذريعي ڪشميرين تي غيرقانوني قبضو قائم رکيو آهي، ڪشميري عوام ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ آڏو نه جهُڪيا، پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اڄ خميس ڏينهن 6 نومبر تي ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته 6 نومبر 1947ع ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي جيڪو ڪشميرين جي ذهن تي اڄ اٽڪل 8 ڏهاڪن کانپوءِ به تازي زخم وانگر نقش آهي، هر سال سڄي دنيا ۾ موجود ڪشميري ان ڏينهن کي ڀارتي فوج جي ڪشميرين جي پهرين نسل ڪشيءَ جي مذمت جي طور تي ملهائين ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته نومبر 1947ع ۾ ڀارتي فوج ۽ شدت پسندن 237000 ڪشميرين کي بي رحماڻي تشدد ۽ نسل ڪشيءَ جو نشانو بڻايو ته جيئن ڪشمير جي آبادياتي ۽ مذهبي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائي سگهجي، ڀارت پاران ڪشمير ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي هٿرادُو طريقي سان بدلائڻ جا غيرقانوني حربا اڄ به جاري آهن، 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل قدم ان سلسلي جي ڪڙيءَ آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان آزادي جي ان ڊگهي جدوجهد ۾ ڪشميرين پاران آزادي جي جدوجهد ۾ قيمتي جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ خاص طور تي نومبر 1947ع ۾ هزارين ڪشميرين جي شهادت کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته ڀارت عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن جي ابتڙ پنهنجي هٿياربند فوج جي ذريعي ڪشميرين تي پنهنجي غيرقانوني ۽ ناجائز قبضي کي قائم رکيو آهي، پاڪستان ۽ انساني حقن جا سمورا علمبردار ان جي ڀرپور مذمت ڪن ٿا. هن چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ بنيادي انساني حق، خودمختياري جو حق ۽ عالمي قانونن کي مسلسل پائمال ڪري رهيو آهي، اڄ جو ڏينهن ڪشميرين جي لازال بهادري ۽ آزادي جي جدوجهد جي لاءِ انهن جي اڻٿڪ عزم جو اظهار آهي، اڄ جو ڏينهن گواهه آهي ته ڪشميرين جي نسلن ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ جي اڳيان ڪنڌ نه جهُڪايو پر ڏهاڪن تائين بي مثال جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ ڪڏهن به قربانين کان نه ڪيٻايو. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي اڻٿڪ قربانين کي دلي طور تي خراج تحسين پيش ڪندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا، وڌيڪ اهو ته پاڪستان پنهنجي ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته عالمي سفارتي محاذ تي ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪندو رهندو ۽ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت پاران ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ عالمي قانونن جي پائمالي جي خلاف ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي، پاڪستان جو هر عالمي فورم تي اهو اصولي موقف آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ٿيڻ گهرجي.

مزید خبریں