اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان اسلامي جمهوريه ايران جي مجلس شوريٰ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف پارلياماني وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سهڪار، علائقائي صورتحال ۽ اقتصادي رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر، ايراني اسپيڪر ۽ سندس …
قومي اسيمبليءَ جي اسيپڪر سان ايران جي مجلس شوريٰ جي اسپيڪر جي پارلياماني وفد سان گڏ ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان اسلامي جمهوريه ايران جي مجلس شوريٰ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف پارلياماني وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سهڪار، علائقائي صورتحال ۽ اقتصادي رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر، ايراني اسپيڪر ۽ سندس وفد کي پاڪستان پهچڻ تي ڀليڪار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا ناتا مذهب، ثقافت ۽ ڀائراڻن رشتن جي مضبوط ٻنڌڻن ۾ جڙيل آهن. اسپيڪر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پوري قوم، پارليامينٽ ۽ پاڪستان حڪومت ايران سان گڏ آهي. اسپيڪر چيو ته ايران ۽ پاڪستان گڏيل ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهن ٿا ۽ پارلياماني سفارتڪاري ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن ايران جي عوام ۽ حڪومت کي اسرائيلي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي مبارڪون پيش ڪيون ۽ چيو ته پاڪستاني پارليامينٽ پهرين پارليامينٽ هئي جنهن بلند آواز ۾ ايران تي اسرائيلي اڳرائيءَ جي ڀرپور مذهبت ڪئي. اسپيڪر ايراني پارليامينٽ طرفان پاڪستان زندهه باد جي نعرن کي ڀائراڻي محبت جي علامت قرار ڏيندي ايراني پارليامينٽ جي ميمبرن جي جذبن کي ساراهيو. هن ڀارتي اڳرائيءَ جي مقابلي ۾ پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي ايران جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني ناتن کي هٿي وٺرائڻ انتهائي سٺو سنوڻ آهي. اسپيڪر وڌيڪ چيو ته ايران پاڪستان جو اعتماد جوڳو ڀائر پاڙيسري ملڪ آهي جنهن سان پاڪستان جا ناتا گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻَڌل آهن. ايراني اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي ڌرتي تي قدم رکندي کيس دلي مسرت ٿي. هن اسرائيلي اڳرائيءَ دوران ايران جي غير مشروط حمايت تي پاڪستاني عوام، پارليامينٽ ۽ حڪومت جو دل سان شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڏُکئي وقت جو ساٿي ئي حقيقي دوست هوندو آهي. هن چيو ته اسرائيلي اڳرائيءَ جي مقابلي ۾ پاڪستان جي حقيقي حمايت ٻنهي ملڪن جي گهرن ناتن جي عڪاسي آهي. هن چيو ته پارلياماني سهڪار ايران ۽ پاڪستان کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا، اعتماد سازي ۽ ٻه طرفن ناتن جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحاليءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.











