ڪوئيٽه-05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته دنيا ۾ پاڪستانين لاءِ رستا کُلي رهيا آهن، بلوچستان جي نوجوانن ۾ بي پناهه صلاحيت آهي، نوجوانن کي آءِ ٽي سميت ٻين شعبن ۾ مهارت سيکارڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، نوجوان اڳتي وڌن، رياست سندن پويان بيٺل آهي. اهڙو اظهار هن ڊي ايڇ اي ۾ اي آءِ ۽ سائبر ڪرائيم …
نوجوانن کي آءِ ٽي سميت ٻين شعبن ۾ مهارت سيکارڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن: رانا مشهود احمد خان

مزید خبریں
ڪوئيٽه-05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته دنيا ۾ پاڪستانين لاءِ رستا کُلي رهيا آهن، بلوچستان جي نوجوانن ۾ بي پناهه صلاحيت آهي، نوجوانن کي آءِ ٽي سميت ٻين شعبن ۾ مهارت سيکارڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، نوجوان اڳتي وڌن، رياست سندن پويان بيٺل آهي. اهڙو اظهار هن ڊي ايڇ اي ۾ اي آءِ ۽ سائبر ڪرائيم جي ڪورسز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته صوبي جي نوجوانن کي اسڪل ٽريننگ ۾ وفاق جو وڏو ڪردار آهي. هن چيو ته مستقبل ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي ويندي. هلندڙ سال سندس بلوچستان جو اهو ڇهون دؤرو آهي، جتي ٻارن جي ٽيلنٽ ۽ قابليت کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. هن چيو ته زراعت جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي. ويجهڙ ۾ ئي بلوچستان ۾ ڪيترن ئي ٻارن اسٽارٽ اپ لون حاصل ڪيو. هلندڙ سال نوجوانن کي 200 بلين زرعي قرض ڏنو ويندو، نوجوان پوري نيت سان ڊليور ڪن. ان کان علاوه 20 بلين جو بينچ مارڪ رکي رهيا آهيون. هن چيو ته بلوچستان جي نوجوانن کي بااختيار بنائڻ جي ضرورت آهي، اسان جي ٻارن ۾ ٽيلنٽ گهڻو آهي انهن کي موقعو ڏيڻ جي ضرورت آهي. سڄي پاڪستان ۾ نوجوان ٻار فائدو کڻن، بلوچستان جا نوجوان پڻ ان سهولت مان فائدو کڻن. کين جهڙيءَ طرح جو سهڪار ۽ مدد گهربل آهي وفاقي حڪومت مهيا ڪندي. هوشيار ۽ قابل نوجوانن پويان رياست بيٺل آهي.











