ايف بي آر پاران آن لائن ريٽرن فائلنگ کي هٿي ڏيڻ لاءِ مينوئل انڪم ٽيڪس فائلرز لاءِ خاص سهولتن جو اعلان

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) سڄي پاڪستان ۾ ٽيڪس سسٽم جي مڪمل ڊجيٽلائزيشن تحت مينوئل انڪم ٽيڪس فائلرز لاءِ ايف بي آر، خصوصي سهولتن جو اعلان ڪيو آهن. گذريل ڏينهن جاري پڌرائي مطابق سمورن ٽيڪس آفيسن ۾ خاص سيل مينوئل ريٽرن فائل ڪرڻ واري ٽيڪس ڏيندڙن کي ضروري معاونت فراهم ڪئي ويندي، مينوئل ٽيڪس ڏيندڙ رجسٽريشن ۽ آن لائن ريٽرن فائلنگ ۾ مڪمل معاونت مفت حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل …

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) سڄي پاڪستان ۾ ٽيڪس سسٽم جي مڪمل ڊجيٽلائزيشن تحت مينوئل انڪم ٽيڪس فائلرز لاءِ ايف بي آر، خصوصي سهولتن جو اعلان ڪيو آهن. گذريل ڏينهن جاري پڌرائي مطابق سمورن ٽيڪس آفيسن ۾ خاص سيل مينوئل ريٽرن فائل ڪرڻ واري ٽيڪس ڏيندڙن کي ضروري معاونت فراهم ڪئي ويندي، مينوئل ٽيڪس ڏيندڙ رجسٽريشن ۽ آن لائن ريٽرن فائلنگ ۾ مڪمل معاونت مفت حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ٽيڪس آفيسن سان رجوع ڪن. ڪنهن به مينوئل ٽيڪس ڏيندڙ کي قانوني مدد جي ضرورت هجي ته ايف بي آر جي فيلڊ آفيس اها سهولت به مفت فراهم ڪندي. مينوئل ٽيڪس فائلرز لاءِ ريٽرن فائلنگ جي آخري تاريخ ۾ 30 نومبر 2025ع تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں