لاهور-05 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي لاهور ۾ نادرا سينٽر فهد ٽائون ۽ ريجنل پاسپورٽ آفيس ڊيره گجران شاليمار جو اوچتو دؤرو ڪيو. گهرو وزير اتي شناختي ڪارڊز ۽ ٻين دستاويزن ۽ پاسپورٽ بنائڻ جي عمل جو جائزو ورتو. گهرو وزير نادرا سينٽر ۽ پاسپورٽ آفيس ۾ موجود شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ مسئلا ٻُڌا ۽ حل لاءِ موقعي تي ئي حڪم جاري ڪيا. …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران نادرا سينٽر ۽ ريجنل پاسپورٽ آفيس ڊيره گجراڻ شاليمار جو دؤرو

مزید خبریں
لاهور-05 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي لاهور ۾ نادرا سينٽر فهد ٽائون ۽ ريجنل پاسپورٽ آفيس ڊيره گجران شاليمار جو اوچتو دؤرو ڪيو. گهرو وزير اتي شناختي ڪارڊز ۽ ٻين دستاويزن ۽ پاسپورٽ بنائڻ جي عمل جو جائزو ورتو. گهرو وزير نادرا سينٽر ۽ پاسپورٽ آفيس ۾ موجود شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ مسئلا ٻُڌا ۽ حل لاءِ موقعي تي ئي حڪم جاري ڪيا. محسن نقوي وهيل چيئر تي بزرگ عورت جي دستاويزن کي بنا دير پراسز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. گهرو وزير هدايت ڪئي ته خاص ماڻهن جو خصوصي پروٽوڪول سان ڪم فوري طور اُڪلايو وڃي. گهرو وزير چيو ته شهرين کي پنهنجي دستاويزن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏُکيائي نه کڻڻي پوي. دستاويزن ۽ پاسپورٽ جي ڊلويري مقرر مُدي ۾ يقيني بڻائي وڃي. نادرا سينٽر ۽ پاسپورٽ آفيس ايندڙ هر شهريءَ جو ڪم مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي.











