حڪومت ٽيڪنالاجي مينيوفيڪچرنگ ۽ ڊجيٽل ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ڪروم بڪ اسيمبلي لائن سان مقامي روزگار ۽ صنعتي سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي، حڪومت ٽيڪنالاجي مينيوفيڪچرنگ ۽ ڊجيٽل ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. آءِ ٽي وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير اين آر ٽي سي هريپور جو دؤرو ڪيو، پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور نٽالي …

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ڪروم بڪ اسيمبلي لائن سان مقامي روزگار ۽ صنعتي سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي، حڪومت ٽيڪنالاجي مينيوفيڪچرنگ ۽ ڊجيٽل ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. آءِ ٽي وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير اين آر ٽي سي هريپور جو دؤرو ڪيو، پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور نٽالي بيڪر پڻ ساڻس گڏ هئي. گوگل جي وفد ۾ گوگل گلوبل مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪيون ڪيلز، ڪنٽري ڊائريڪٽر پاڪستان فرحان قريشي، عمر فاروق، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ٽيڪ ويلي ۽ ٻيا آفيشلز شامل هئا. ايم ڊي، اين آر ٽي سي برگيڊيئر (ر) محمد خالد، ڊپٽي ايم ڊي ۽ سندس ٽيم وفد جي آجيان ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي اين آر ٽي سي جي انيشيٽيوز ۽ ڪروم بڪ اسيمبلي منصوبي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ کانپوءِ وفد ڪروم بڪ اسيمبلي لائن جو معائنو ڪيو، ڪروم بڪ اسيمبلي لائن گوگل، الائيڊ آسٽريليا، اين آر ٽي سي ۽ ٽي ويلي پاڪستان جي سهڪار سان قائم ڪئي وئي، اهو سنگ ميل پاڪستان جي ڊجيٽل ۽ معاشي پاڻڀرو ٿيڻ طرف اهم قدم آهي. وفاقي وزير چيو ته هي منصوبو وزيراعظم جي ڊجيٽل نيشنل ويزن جي عملي تعبير آهي. هن چيو ته مقامي سطح تي ڪروم بڪ اسيمبليءَ سان نوجوانن کي سستي ۽ معياري ۽ ڊجيٽل ڊوائيسز ميسر اينديون، ڪروم بڪ اسيمبلي لائن سان مقامي روزگار ۽ صنعتي سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي. شزه فاطمه خواجه چيو ته پاڪستان سافٽ ويئر سروسز سان هارڊويئر مينيوفيڪچرنگ طرف اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، ٽيڪ ويلي پاڪستان نظامي شموليت ۽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، حڪومت ٽيڪنالاجي مينيوفيڪچرنگ ۽ ڊجيٽل ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هاڻ اسان علائقائي روانگي واپار طرف مضبوط اڳڀرائي ڪنداسين.

مزید خبریں