اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ شوگر ايڊوائيزري بورڊ جو اهم اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن جي وفد شرڪت ڪئي. جنهن جي قيادت چوڌري ذڪا اشرف ڪئي. ان کان علاوه چئني صوبن جي ڪين ڪمشنرن، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، واپار واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا نمائندا …
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ شوگر ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس،16 نومبر کان پيڙهائي شروع ڪرڻ جو فيصلو

مزید خبریں
اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ شوگر ايڊوائيزري بورڊ جو اهم اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن جي وفد شرڪت ڪئي. جنهن جي قيادت چوڌري ذڪا اشرف ڪئي. ان کان علاوه چئني صوبن جي ڪين ڪمشنرن، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، واپار واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا نمائندا پڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ تفصيلي مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ شوگر پيڙهائي جي شروعات 16 نومبر کان ڪئي ويندي. وفاقي وزير ان موقعي تي اهو فيصلو سمورن صوبن ۽ شوگر ملز ايسوسيئيشن سان مڪمل مشاورت کان پوءِ ڪيو ته جيئن ڪمند جي آبادگارن کي ڪنهن قسم جي ڏُکيائي نه ڏسڻي پوي. رانا تنوير حسين واضح ڪيو ته جيڪي شوگر ملون مقرر تاريخ تي پيڙهائي شروع نه ڪنديون انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته آبادگارن کي رهتن جي ادائگي پيڙهائي جي شروعات کان اڳ يقيني بڻائي وڃي ۽ حڪومت آبادگارن جي مفاد ۾ اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي ته جيئن سندن استحصال نه ٿئي. وفاقي وزير زور ڀريو ته وقت سر پيڙهائي نه صرف ڪمند جي آبادگارن کي سهولت فراهم ڪندي پر کنڊ جي مارڪيٽ ۾ وقت سر دستيابي پڻ يقيني بڻائيندي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن پيڙهائي جي مُند جي شروعات بابت ڪيل فيصلن جي آجيان ڪئي ۽ حڪومت جي وقت سر قدمن کي ساراهيو.











