ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جابلو علائقن ۾ ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙي جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 دوران اتر اوڀر پنجاب، پوٺورهار خطي، اسلام آباد، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ …

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙي جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 دوران اتر اوڀر پنجاب، پوٺورهار خطي، اسلام آباد، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري ٿي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙو به پيو. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم خشڪ رهي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ڪالام ۾ ڪاٽو 04، ليه ۾ ڪاٽو 02، گوپس، استور ۽ زيارت ۾ ڪاٽو 01 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں