اسلام آباد - 05 نومبر (اي پي پي) ڄمون جي شھيدن جو ڏھاڙو ملھائڻ جو ڏينھن، انسانيت جي قاتل ڀارت جو مڪرو چھرو بي نقاب ڪرڻ جو ڏينھن آھي، نومبر 1947ع تي ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي سرپرستي ۾ ظلم ۽ بربريت جو ڪارو باب رقم ٿيو، ڀارت جي رياستي درندن ڄمون ڪشمير ۾ 123 کان وڌيڪ مسلمانن جا ڳوٺ ختم ڪري ڇڏيا ھئا. تفصيلن مطابق گولين، تلوارن جي خوفناڪ …
ڇهه نومبر ڄمون جي شھيدن جو ڏھاڙو ملھائڻ جو ڏينھن

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) ڄمون جي شھيدن جو ڏھاڙو ملھائڻ جو ڏينھن، انسانيت جي قاتل ڀارت جو مڪرو چھرو بي نقاب ڪرڻ جو ڏينھن آھي، نومبر 1947ع تي ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي سرپرستي ۾ ظلم ۽ بربريت جو ڪارو باب رقم ٿيو، ڀارت جي رياستي درندن ڄمون ڪشمير ۾ 123 کان وڌيڪ مسلمانن جا ڳوٺ ختم ڪري ڇڏيا ھئا. تفصيلن مطابق گولين، تلوارن جي خوفناڪ حملن ۽ رڙين سان والاريل وادي ڪشمير گونجي وئي، ڀارتي ظلم قتل ۽ رياستي دھشتگردي والاريل ڪشمير جي تاريخ جا ورق ھميشه لاءِ خون سان رنگي ڇڏيا. ڄمون ڪشمير جي مسلمانن تي جاري ڀارتي ظلم ۽ بربريت ڪشميرين جي حريت واري جذبي کي ڪڏھن به گھٽائي نٿي سگھي، آزادي جا نعرا ڀارت خلاف اڄ به والاريل ڪشمير جي وادي ۾ گونجي رھيا آھن. شھيدن جي رت سان وڌندڙ ڪشميرين جي جدوجھد ھڪ ڏينھن ضرور آزادي جو سج ڏسندي.











