اسلام آباد - 05 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪجهه ميڊيا هائوسز بنا نوٽيس صحافين کي نوڪرين مان برطرف ڪيو آهي، ايندڙ هفتي ميڊيا مالڪن سان ملاقات ۾ اهو معاملو اٿاريو ويندو، “نقطه” پليٽ فارم جي برطرف صحافين کي نوڪريون فراهم ڪيون وينديون، صحافين جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات …
ڪجهه ميڊيا هائوسز بنا نوٽيس صحافين کي نوڪرين مان برطرف ڪيو آهي، ايندڙ هفتي ميڊيا مالڪن سان ملاقات ۾ اهو معاملو اٿاريو ويندو: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪجهه ميڊيا هائوسز بنا نوٽيس صحافين کي نوڪرين مان برطرف ڪيو آهي، ايندڙ هفتي ميڊيا مالڪن سان ملاقات ۾ اهو معاملو اٿاريو ويندو، “نقطه” پليٽ فارم جي برطرف صحافين کي نوڪريون فراهم ڪيون وينديون، صحافين جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته ميڊيا نمائندن اڄ اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو جنهن کانپوءِ آئون ۽ امين الحق انهن وٽ وياسين، انهن جا ٽي چار مطالبا آهن جيڪي بلڪل جائز آهن، گذريل ڏينهن ڪجهه ٽي وي چينلز بنا نوٽيس، بنا سبب ٻڌائڻ ۽ بنا ايڊوانس پگهارن جي ڪيترن ئي ملازمن کي برطرف ڪيو جن ۾ ورڪنگ جرنلسٽ پڻ شامل آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا ادارن کي حڪومت پاران ادائيگيون وقت سر ڪيون پيون وڃن ۽ پي بي اي ۽ اي پي اين ايس کي هر ملاقات ۾ اها گذارش ڪئي وڃي ٿي ته ادائيگين جو فائدو ميڊيا ورڪرز ۽ جرنلسٽس تائين پهچڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته ان ڏس ۾ پي بي اي ۽ اي پي اين ايس سان ايندڙ هفتي اهم گڏجاڻي طئي ٿي چڪي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اڄ پي ايف يو جي جو هڪ وفد ساڻس مليو جنهن ۾ افضل بٽ، مظهر عباس، آصف بشير چوڌري، صاحبزاده ذوالفقار ۽ نيئر علي شامل هئا، انهن جي موجودگي ۾ اهو طئي ٿيو ته پي ايف يو جي پنهنجو چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪندي جنهن کي ايندڙ هفتي ميڊيا مالڪن آڏو رکيو ويندو ۽ پي بي اي ۽ اي پي اين ايس سان گڏ ويهي ان جو پائيدار حل ڪڍيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي ملازمن جي حقن جي تحفظ جو طريقيڪار موجود آهي، اخبارن جي لاءِ آءِ ٽي اين اي ۽ ٻيا فورمز ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته پيمرا ۾ ڪائونسل آف ڪمپلينٽس پڻ موجود آهي جنهن ۾ پي ايف يو جي جا ميمبر شامل هوندا آهن جڏهن ته ڊيجيٽل ميڊيا جي ملازمن جي لاءِ هن وقت ڪو اهڙو مڪينزم موجود نه آهي جتي اهي پنهنجا مسئلا اٿاري سگهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته حڪومت ريگيوليشنز ٺاهي ڇڏيون آهن، قانونسازي به مڪمل آهي ۽ نقطه پليٽ فارم تان جن صحافين کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو، انهن سڀني کي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ نوڪريون ڏنيون وينديون. هن نيشنل پريس ڪلب تي حملي جي حوالي سان چيو ته بطور اطلاعات واري وزير ان وقت واضح موقف اختيار ڪيو هو ته اهو حملو اهڙو آهي جهڙو منهنجي گهر تي حملو ٿيو هجي، ان حوالي سان گهرو وزارت سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي ۽ اين پي سي تي حملي جي رپورٽ سڀاڻي جمع ڪرائي ويندي جنهن کانپوءِ گڏجي ان جو به حل ڪڍيو ويندو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته انهن سمورن صحافتي نمائنده ادارن پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي ايف يو جي ۽ اين پي سي کي پنهنجو حلقو سمجهي ٿو ۽ صحافين جي مسئلن جو حل اسان جي اولين ترجيح آهي. هن خاطري ڪرائي ته سمورن صحافين جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو.











