اسلام آباد - 05 نومبر (اي پي پي) پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن پاڪستان مختلف ميڊيا ادارن مان صحافين جي جبري برطرفي جي خلاف پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪيو. واڪ آئوٽ کانپوءِ اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ايم ڪيو ايم جو امين الحق پريس گيلري پهتا. سيد امين الحق صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم سدائين صحافين سان گڏ رهي آهي، ويج ايوارڊ جي معاملي تي به …
پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن پاران پاڪستان مختلف ميڊيا ادارن مان صحافين جي جبري برطرفي جي خلاف پريس گيلري مان واڪ آئوٽ

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن پاڪستان مختلف ميڊيا ادارن مان صحافين جي جبري برطرفي جي خلاف پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪيو. واڪ آئوٽ کانپوءِ اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ايم ڪيو ايم جو امين الحق پريس گيلري پهتا. سيد امين الحق صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم سدائين صحافين سان گڏ رهي آهي، ويج ايوارڊ جي معاملي تي به ايم ڪيو ايم صحافين جي تنظيمن سان گڏ بيٺل رهي، اسان حڪومت جو حصو هوندي ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي، هڪ تي حملو سڀني تي حملي جو قانون لاڳو ڪرڻو پوندو. امين الحق چيو ته جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن ٺاهڻ وقت جي ضرورت آهي.











