مملڪتي وزير وجيهه قمر جي چين جي تعليم واري وزير سان سمرقند ۾ يونيسڪو جي 43 هين جنرل ڪانفرنس جي موقعي تي ملاقات

سمرقند-05 نومبر (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر چين جي تعليم واري وزير هوائي جن پينگ سان ازبڪستان جي شهر سمرقند ۾ منعقد يونيسڪو جي 43 هين جنرل ڪانفرنس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تعليم، فني ۽ پيشيوراڻي تربيت، ڊجيٽل لرننگ ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ خيالن جي …

سمرقند-05 نومبر (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر چين جي تعليم واري وزير هوائي جن پينگ سان ازبڪستان جي شهر سمرقند ۾ منعقد يونيسڪو جي 43 هين جنرل ڪانفرنس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تعليم، فني ۽ پيشيوراڻي تربيت، ڊجيٽل لرننگ ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وجيهه قمر چين طرفان پاڪستان ۾ تعليمي ترقي ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي منصوبن خاص ڪري سي پيڪ تحت جاري تعاون تي ٿورو مڃيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان تعليم ۾ شموليت، نواڻ ۽ هنر تي ٻڌل سِکيا کي هٿي ڏيڻ لاءِ جامع سڌارن تي عمل ڪري رهيو آهي ته جيئن نوجوانن کي مستقبل جي گهُرجن سان هم آهنگ ڪري سگهجي. چين جي تعليم واري وزير هوائي جن پينگ پاڪستان جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته چين ان شعبي خاص ڪري استادن جي تربيت، علمي تحقيق، شاگرد جي مٽاسٽا ۽ تعليمي ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ لاءِ تيار آهي. ٻنهي ملڪن سائنسي، ٽيڪنيڪي ۽ فني تعليم جي گڏيل پروگرامن کي هٿي ڏيڻ ۽ اداري جاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن پائيدار ۽ معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪري سگهجن. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي پراڻي دوستي، گڏيل اعتماد ۽ تعليم کي ترقي ۽ خوشحالي جو بنيادي ذريعو قرار ڏيڻ جي عزم کي هڪ دفعو ٻيهر ورجايو ويو.

مزید خبریں