قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي صدارت ۾ هائوس بزنس ايڊوائزري ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي هائوس بزنس ايڊوائزري ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي 21هين اجلاس جي شيڊول ۽ ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي موجوده اجلاس کي 14 نومبر 2025ع جمعي تائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان هن وقت …

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي هائوس بزنس ايڊوائزري ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي 21هين اجلاس جي شيڊول ۽ ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي موجوده اجلاس کي 14 نومبر 2025ع جمعي تائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان هن وقت سفارتي، پارلياماني ۽ دفاعي اعتبار کان بهترين وقت مان گذري رهيو آهي، ڪامياب پارلياماني سفارتڪاري سبب ايران جو پارلياماني وفد پاڪستان جي دوري تي آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي 21هين اجلاس ۾ سوالن واري وقفي سميت عوامي اهميت رکندڙ مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، سينيٽر اعظم نذير تاڙر، وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، خالد حسين مگسي، قومي اسيمبلي جي ميمبرن سيد نويد قمر، شيخ آفتاب احمد، اعجاز حسين جکراڻي، سيد حفيظ الدين، پولين بلوچ، نزهت صادق، نور عالم خان، سيده شهلا رضا، شازيه مري ۽ اعجاز الحق شرڪت ڪئي.

مزید خبریں