ايران جي مجلس شوريٰ جي اسپيڪر ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف جي اڳواڻي ۾ پارلياماني وفد پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جي مجلس شوريٰ جي اسپيڪر ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف جي اڳواڻي ۾ پارلياماني وفد پاڪستان پهچي ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، نور خان ايئربيس تي ايراني اسپيڪر جو استقبال ڪيو. اسپيڪر سردار اياز صادق، ايراني اسپيڪر ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف ۽ ساڻس گڏ آيل پارلياماني وفد کي ڀليڪار ڪيو. اسپيڪر چيو ته ايراني اسپيڪر جي پاڪستان آمد اسان …

اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جي مجلس شوريٰ جي اسپيڪر ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف جي اڳواڻي ۾ پارلياماني وفد پاڪستان پهچي ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، نور خان ايئربيس تي ايراني اسپيڪر جو استقبال ڪيو. اسپيڪر سردار اياز صادق، ايراني اسپيڪر ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف ۽ ساڻس گڏ آيل پارلياماني وفد کي ڀليڪار ڪيو. اسپيڪر چيو ته ايراني اسپيڪر جي پاڪستان آمد اسان لاءِ خوشي جو سبب آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق، ايراني اسپيڪر کي اسلام آباد آمد تي گلدستو پيش ڪيو. ايراني اسپيڪر چيو ته شاندار استقبال تي پاڪستان جي پارليامان ۽ عوام جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان، پاڪستان جي سرزمين تي قدم رکندي دلي خوشي ٿي آهي.

مزید خبریں